ملير: پورهيت عبدالحفيظ ابڙو جا پنج نابينا ٻار، تعليم ۽ زندگي جي سهولتن لاءِ مدد جا منتظر

Spread the love

ملير (رپورٽ : ذوالفقار علي نصيراڻي )مشين تول فيڪٽري لڳ  ليبر اسڪوائر م  هڪ ڪمري  ۾ رهندڙ پورهيت عبدالحفيظ ابڙو جا  پنج معصوم ٻارڙا اکين جي نور کان محروم، بدقسمت خاندان ۽ متاثر زندگي جي خوشين ۽ سهولتن جا خواهشمند،پي کي بار پڙهائڻ لاءِ سرندي وارن کان مدد جي اميد، ٻارڙن جي اذيت ڀري زندگي ڏسي امڙ موت جون دعوائون گهرن لڳي تفصيل موجب ملير مشين ٽول فيڪٽري لڳ ليبر اسڪوائر جي ٽنگ هڪ ڪمري ۾ رهندڙ پورهيت عبدالحفيظ ابڙو جا پنج ٻارڙا  18 ورهين جو عبدالرحمان، 23ورهرن جو شيراز، ،9ورهرن جو  تحريم 6ورهين  جو ،

 ناياب  ۽ 5ورهرن جي معصوم  ام حبيبان اکين جي نور کان محروم ٿي  زندگي جي رنگينين ۽ حسناڪين  کان به پري ٿي پيا يا آهن  انهن معصوم ٻارن جي اکين ۾ روشني نه آهي پر سندن دلين ۾ پڙهڻ،ڪجهه بڻجڻ، ۽ سماج جو ڪارائتو حصو ٿيڻ جي اڪير ضرور آهي پر غربت جي ڪاريءَ چادر  هيٺ سندن خوابن جا ڏيئا به  به وسامي رهيا آهن سندن زندگي جا درد محروميون ڏسي ۽ ٻڌي خدا ترس ۽ سرندي وارن انسانن ۽ حڪمرانن تائين پهچائڻ لاءِ جڏهن عوامي پريس ڪلب ملير جي صحافين جي ٽيم جڏهن ڄاڻايل بدقسمت پورهيت  جي هڪ ڪمري تي ٻڌل گهر پهتي ته هڪ ئي ڪمري ۾ پنجن نابين معذور ٻارن سميت امڙ ۽ پي کي ڏسي  صحافين کي  حيرت،

 ڏک ۽ افسوس وگهي  ڏندين آڱريون اچي ويون ان موقعي تي پورهيت عبدللفيط ابڙو ٻڌايو ته  مون سان قسمت عجيب راند کيڏي آهي هڪ ٻئي پويان پنج ئي  ٻار نابين پيدا ٿيا آهن پورهيت آهيان، ڏينهن رات محنت ڪري پيٽ پاليسن ٿو  پر پنهنجن نابينا ٻارن لاءِ تعليم جو بندوبست نه ٿو ڪري سگهان،عبدالحفيظ ڀنل اکين ۽ روئڻ هارڪي  آواز ۾ ٻڌايو ته هو ڪيترن ئي اسپيشل اسڪولن جا در کڙڪايا آهن  پر کيس مايوسيءَ کانسواءِ ڪجهه نه مليو آهي اتي موجود  ٻارن جي   ماءُ جي دل به دردن سان ڀرجي وئي هن مايوسي ۾ چيو ته اکين جي نور کان محروم ٻارڙا ڏسي دل مان دانهن نڪري ٿي ته   غربت ۾ ٻارن جي پيٽ ڀري کائڻ ،

سندن تعليم سميت زندگي جون خوشيون حاصل ناهن ته ته الله سائين هنن کي موت ڇو نٿو ڏي هن سڏڪا ڀريندي چيو ته معصوم ٻارڙا، جيڪي گھر تائين محدود ٿي ويا آهن ٻارن جو چوڻ هو ته اسان پڙهڻ چاهيون ٿا، اسان کي به سکڻ جو حق آهي. اسان جو قصور رڳو ايترو آهي ته اسان ڏسي نٿا سگهون.هي خاندان اڄ به حڪومت، سماجي ادارن، ۽ سڄاڻ ڌرين جي رحم و ڪرم تي آهي ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته  انهن معصومن جي خوابن کي مرڻ نه ڏنو وڃي. تعليم، تربيت ۽ سهڪار ذريعي هنن جي زندگيءَ ۾ نئون روح  ڦوڪيو وڃي.

جُون 20, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو