سکر انتظاميه پاران تجاوزات خلاف آپريشن، غير قانوني اڏاوتون هٽايون، دڪاندارن کي وارننگ
سکر (رپورٽ : امداد گل ڪلوڙ) سکر انتظاميه پاران تجاوزات خلاف آپريشن، شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون، دڪانن جي اڳيان رکيل سامان ضبط، دڪاندارن کي پاڻمرادو تجاوزات ختم ڪرڻ ۽ روڊن تان سامان هٽائڻ جي هدايت۔
ان سلسلي ۾ بلديه اعليٰ سکر پاران شهر ۾ جاري تجاوزات خلاف آپريشن ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ دڪاندارن تي ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. گذريل ڏينهن ميونسپل ڪارپوريشن انڪروچمينٽ فورس جي عملي، اسسٽنٽ ڪمشنر سکر سٽي سکر ۽ ڊائريڪٽر انٽي انڪروچمينٽ فورس خالد جتوئي جي هدايتن تي، انسپيڪٽر عدنان ميمڻ ۽ خالد راجپوت جي نگراني هيٺ شهر جي مختلف علائقن گهنٽا گهر، ڪلاڪ ٽاور،
حسيني روڊ سميت ٻين هنڌن تي تجاوزات خلاف آپريشن ڪيو ويو.ان آپريشن دوران دڪانن جي اڳيان ڪيترن ئي فٽن تائين ٺهيل ٿڙا، چبوترن، اسٽالن ۽ ٻين غير قانوني اڏاوتن کي هٽايو ويو ۽ روڊ تي رکيل سامان به تحويل ۾ ورتو ويو.آپريشن دوران آفيسرن دڪاندارن ۽ شهرين کي سختي سان هدايت ڪئي ته هو پاڻمرادو پنهنجا تجاوزات ختم ڪن ۽ روڊ تي رکيل سامان هٽائين، ٻي صورت ۾ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ڏنڊ به ڀرڻو پوندو.
جُون 20, 2025