سکر: پي ايس ٽي، جي ايس ٽي 40 پلس ويٽنگ اميدوارن پاران آفر آرڊرن لاءِ احتجاج
سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ پي ايس ٽي، جي ايس ٽي 40 پلس تعلقو سکر سٽي جي ويٽنگ اميدوارن پاران آفر آرڊرن لاءِ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. ان سلسلي ۾ آءِ بي اي، پي ايس ٽي، جي ايس ٽي ميرٽ ٽيسٽ پاس 40 پلس تعلقو ۽ سکر سٽي جي ويٽنگ اميدوارن جو چوڻ هو ته ضلع سکر جي 2016 ۾ اسين ميرٽ پاس ٿيا آهيون، آفر آرڊر اسان جو آئيني ۽ قانوني حق آهي.
چار سالن کان ويٽنگ لسٽ ۾ ويهاري اسان جو عمر برباد ڪئي پئي وڃي، اسين اور ايج ٿي چڪا آهيون، 4 سالن کان اسان کي ڪا به ايس اين اي نه ڏني وئي آھي جڏهن ته 2016 جون موجود سيٽون اڃا تائين ري اسٽور نه ٿيون آهن، اسان جي معاشي ۽ ميرٽ جو قتل ڪيو پيو وڃي.اميدوارن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ موجود سيٽن کي لڪائي رهيو آهي جڏهن ته اسڪولن ۾ شاگردن جي داخلا وڌڻ سبب هزارين استادن جي کوٽ آهي، سوين اسڪول اڃا تائين بند آهن.هنن مطالبو ڪيو ته 90 هزار نيون ڀرتيون ڪرڻ کان اڳ ڪينسل ڪيل سيٽن کي ٻيهر بحال ڪيو وڃي ۽ ويٽنگ اميدوارن کي انصاف فراهم ڪري آفر آرڊر جاري ڪيا وڃن.
اميدوارن الزام لڳايو ته پنهنجن پسنديده علائقن ۾ 33 مارڪ فيل ۽ نااهل 20 ۽ 24 مارڪس وٺندڙ اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا ويا، جڏهن ته 40 کان 50 پلس مارڪس حاصل ڪندڙ ويٽنگ ۾ ويٺل اميدوار سراپا احتجاج آهن.نوجوانن مطالبو ڪيو ته اسان جي معاشي ۽ ميرٽ جو قتل بند ڪيو وڃي، اسان کي انصاف ڏنو وڃي ۽ آفر آرڊر جاري ڪيا وڃي
جُون 20, 2025