سڪرنڊ ۾ شيعه علماء ڪائونسل پاران اسرائيلي جارحيت خلاف احتجاجي ريلي، آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف نعرا
سڪرنڊ ( رپورٽ : راج ڪماراوڏ ) قاائد ملت جعفريه آيت الله سيد سجاد علي نقوي جي حڪم تي پوري ملڪ جيان سڪرنڊ ۾ پڻ شيعه علماء ڪائونسل سڪرنڊ پاران اسرئيل خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا حيدري مسجد کان شروع ٿي مختلف هنڌن تان ٿيندي قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي پهتي ريليءَ ۾ نوجوانن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر پڻ هئا جن تي اسرائيل مرده آباد جا نعرا تحرير ٿيل هئا ان موقعي تي ريلي جيڪا مظاهري ۾ تبديل ٿي وئي ان کي شيعه علماء ڪائونسل سڪرنڊ جي اڳواڻن سيد سبحان علي شاھ. خادم حسين پرھياڙ ،
حاجي دلدار احمد ، سيد فرمان شاھ ، زنوار امير ڪيريو ، شاھنواز ڀٽو ۽ ٻين الڳ الڳ خطاب ڪندي چيو ته اسرئيل هميشه بزدلانه حرڪتون ڪيون آهن پر الحمد لله ايران سرڪار پنهنجي قائدانه صلاحيتن ۽ عوام جي سهڪار سان اسرائيل کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي هنن وڌيڪ چيو ته مسلمان ملڪن کي گهرجي ته هُو ايران جو ساٿ ڏين هنن اقوام متحده کي پڻ اپيل ڪئي ته هو اسرائيلي جارحيت خلاف آواز اٿارين ريليءَ ۾ شامل مظاهرين پاران ايران زنده آباد ، اسرائيل مرده باد ، آمريڪا مرده باد جا نعرا هنيا پئي ويا
جُون 20, 2025