ڪوهلي ۽ روهت بنا به ڀارت مضبوط آهي، دٻاءَ ۾ هوشياري سان کيڏڻو پوندو: بين اسٽوڪس

هيڊنگلي (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس چيو آهي ته سندس ٽيم جو مقصد رڳو جارحاڻي انداز سان کيڏڻ نه پر ميچون کٽڻ آهي ۽ رانديگرن کي دٻاءُ هيٺ وڌيڪ سمجهداري کيڏڻ گهرجي.
هيڊنگلي ۾ ڀارت خلاف جمعي کان شروع ٿيندڙ ” اينڊريسن-ٽنڊولڪر ٽرافي“ جي پهرين ٽيسٽ ميچ کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي اسٽوڪس چيو ته ”اسان چاهيون ٿا ته ٽيم رُڳي ڏيکاءُ طور سُٺي ڪرڪيٽ نه کيڏي پر اهڙي نموني کيڏي جو هر حال ۾ ميچ کٽي ڏيکاري .“
هن چيو ته ويجهي ماضيءَ ۾ ٽيم جي سڃاڻپ جارحاڻي راند رهي آهي، پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته رانديگر دٻاءُ هيٺ به بهتر نموني ۽ گهرجن پٽاندڙ کيڏن.
انگلش ڪپتان چيو ته “اسان ڪيتريون ئي ميچون کٽيون آهن، پر جڏهن نتيجو اسان خلاف ويو آهي، تڏهن اسان ميچ ۾ واپسي گهڻو ڪجهه ناهي ڪيو.“
هن چيو ته ” اسان اهو سکي رهيا آهيون ته ڪهڙي وقت تي راند جي رفتار کي ماٺو ڪرڻ گهرجي ۽ ڪهڙي وقت تي پنهنجي انداز سان مخالف تي دٻاءُ وجهجي.“
بن اسٽوڪس جو چوڻ هو ته ” اسان هر ميچ کٽڻ چاهيون ٿا، پر هاڻي اسان جو انداز ۽ طريقو تبديل ٿي رهيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته راند دلچسپ به هجي ۽ نتيجو به اسان جي حق ۾ اچي.
بين اسٽوڪس تسليم ڪيو ته انگلينڊ جون ڪجهه شڪستون انتهائي مايوس ڪندڙ رهيون، جيئن پوئين سال نيوزيلينڊ ۾ 423 رنسن تان ناڪامي ۽ ڀارت خلاف آخري سيريز ۾ اننگز شڪست،
هن چيو ته رانديگرن سان ايمانداري سان ڳالهه ٻولهه ۽ ماضي مان سبق سکڻ ئي ٽيم کي نئين سطح تي وٺي وڃڻ جو رستو آهي.
اسٽار آل رائونڊر وڌيڪ چيو ته ڀارتي ٽيم ۾ ڀلي روهت شرما، ويرات ڪوهلي ۽ روي ايشون جهڙا نالا نه آهن،پر ان سان انگلينڊکي ڪو فائدو نه ٿيندو ڇو ته ڀارت وٽ باصلاحيت رانديگرن جو وڏو ذخيرو آهي.
جنهن ۾ اولي پوپ کي ون ڊائون پوزيشن تي کيڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
اسٽوڪس موجب، اولي پوپ گذريل ٽن سالن دوران ون ڊائون پوزيشن تي بيٽنگ ڪندي 40 کان مٿي جي ايوريج رنسون ٺاهيون آهن، زمبابوي خلاف 170 رنز واري اننگز سندس پختگي جو ثبوت آهي.
جوفرا آرچر جي انگلش ٽيم ۾ شموليت بات اسٽوڪس چيو ته جوفرا آرچر کي ڀارت خلاف کيڏندو ڏسڻ ڏاڍو دلچسپ هوندو، هو به دلي طور انگلينڊ لاءِ ٻيهر ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏڻ چاهي ٿو.