مامو ملاح ڳوٺ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ڌرڻو، “پاني ناهي ڇو، بلا ڪربلا” جا نعرا بلند
مامو ملاح (رپورٽر )ڳوٺ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج، “پاني ناهي ڇو، بلا ڪربلا” جا نعرا ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) يوسي چوڪنڊي جي ڳوٺ مامو ملاح ۾ گذريل ٻن سالن کان پاڻي جي شديد کوٽ خلاف رهواسين جي صبر جو بند ڀڄي پيو پاڻي جي مسلسل اڻهوند خلاف ڳوٺاڻن رزاق آباد پهچي مک چوڪ کان ريلي ڪڍي عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي مظاهرو ڪندڙن پاني ناهي ڇو،
بلا ڪربلا جا نعرا هڻي، واٽر بورڊ، ٽائون انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. احتجاج جي اڳواڻي بلاول ملاح، رستم جوکيو، رضوان لاشاري، شير عالم، شفيق لاشاري،محمدگل،خدابخش ڪري رهيا هئا احتجاج م ڪيترائي مرد، عورتون ۽ ٻار شامل هئا احتجاج ڪندڙن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ٻن سالن کان ڳوٺ ۾ پاڻي ناياب آهي، جنهن سبب نياڻين ۽ ٻچن کي به پري کان پاڻي ڀري آڻڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي.
ڪيترائي ڀيرا لکت ۾ شڪايتون جمع ڪرائي چڪا آهيون، انتظاميا طرفان آڊر به جاري ٿيا، پر عملي قدم اڃا تائين نه کنيو ويو آهي.هنن مطالبو ڪيو ته ايم اين اي جام ڪريم جوکيو، ايم پي اي راجا رزاق بلوچ ۽ ابراهيم حيدري ٽائون چيئرمين نذير ڀٽو فوري نوٽيس وٺي ڳوٺ ۾ پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائين، ٻي صورت ۾ هو عدالت جو در کڙڪائڻ تي مجبور ٿيندا.
جُون 19, 2025