ڀان سيدآباد: محرم الحرام جي حوالي سان اهل سنت والجماعت جي اهم ميٽنگ، امام حسين عليه السلام جي شھادت بابت مختلف مسجدن ۾ پروگرام منعقد ڪرڻ جو فيصلو
سيوھڻ ( رپورٽ : محمد صفر ايم سيوھاڻي ) ايندڙ محرم الحرام 1447ھجري سال جي موقعي تي ڀان سيدآباد شھر جي غوٽيه ڪوڙو ميمڻ مسجد ۾ ھر سال جيان ھن سال به مفتي سائين پير خليل احمد جان اشرفي جي زير صدارت ۾ اھل سنت والجماعت جي ھڪ ميٽنگ ٿي گذري،
ھي ميٽنگ محرم الحرام جي حوالي سان منعقد ڪئي ويئي،جنھن ۾ ڪافي تعداد ۾ ڀان سيد آباد شھر جي جماعت اھلسنت والجماعت جي علماء ڪرامن ۽ اڳواڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ھن ميٽنگ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته محرم الحرام جي ڏھن ڏينھن ۾ مختلف مسجدن ۾ امام حسين عليه السلام جي شھادت جي سلسلي جا پروگرام منعقد ڪيا ويندا، انھن پروگرامن جا انتظام بھتر ڪيا ويندا.
جُون 19, 2025