سيوھڻ: ايس ايڇ او ذوالفقار اوڍاڻو جي ڪامياب ڪارروائي، ڦر ٿيل موٽرسائيڪل واپس ڪرائي مالڪ حوالي، دوڪاندار پاران اجرڪ جو تحفو پيش

Spread the love

سيوهڻ ( رپورٽ : محمد صفر ايم سيوھاڻي) سيوھڻ پوليس جي ايس ايڇ او جي بھترين ڪارروائي ، ڪجھ ڏينھن پھريان ڦر ڪيل موٽرسائيڪل ڦورن کان واپس ڪرائي موٽرسائيڪل  مالڪ جي حوالي،

تفصيل موجب سيوھڻ ٿاڻي جي  ايس ايڇ او ذوالفقار علي اوڍاڻو پاران کوسه پيٽرول پمپ سيوھڻ وٽان ڪجھ ڏينھن پھريان ڦر ٿيل موٽرسائيڪل  جوابدارن کان رڪوري ڪرائي مالڪ حوالي، 

دوڪاندار پاران سيوھڻ جي ايس ايڇ او کي موٽرسائيڪل واپس ڪرائڻ جي خوشيءَ ۾  سندس کي اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو،

۽ سيوھڻ پوليس جي ايس ايڇ او ذوالفقار اوڍاڻو ۽ سندس سان گڏ پوليس جوانن جي اھڙي ڪارروائي ڪرڻ کي ساراھيو.

جُون 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو