سکر: عورت ڪلثوم مستوئي جو قاتل گرفتار – جوابدار پاران دوستي جي انڪار تي قتل جو اعتراف

Spread the love

سکر(بيورو رپورٽ) سکر پوليس پاران ٽي ڏينهن اڳ آباد ٿاڻي جي حد ۾ قتل ٿيل عورت ڪلثوم مستوئي جي قتل جو مرڪزي جوابدار گرفتار ٽي ڏينهن اڳ ٿاڻي آباد جي حد مان مقتولا عورت ڪلثوم مستوئي جي گولي لڳل لاش سندس گهر مان هٿ آئي هئي،

جنهن تي ايس ايس پي سکر اظهر خان قتل جو سخت نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي سائٽ جي نگراني هيٺ هڪ خاص ٽيم جوڙي،

۽ جوابدار جي گرفتاري جا حڪم جاري ڪيا ايس ايس پي اظهر خان جي حڪم تي ايس ايڇ او آباد ۽ پوليس ٽيم پيشوراڻين صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي قتل جي مرڪزي جوابدار علي عرف مصطفيٰ مستوئي کي گرفتار ڪري ورتو گرفتار جوابدار ابتدائي جاچ دوران پوليس کي بيان ڏنو هو ته مقتولا عورت سان دوستي ڪرڻ چاهيم پر بار بار انڪار ڪرڻ تي هو سندس گهر ۾ گهڙي آيو ۽ پسٽل سان فائر ڪري کيس قتل ڪري فرار ٿي ويو پوليس پاران ڪيس بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي ايس ايس پي سکر اظهر خان پاران ڪامياب ڪارروائي تي پوليس ٽيم کي ڀرپور داد ڏنو ويو آھي

جُون 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو