سانگهڙ: ڊپٽي ڪمشنر ساره جاويد جي صدارت هيٺ محرم الحرام دوران سيڪيورٽي، صفائي، روشني ۽ اتحاد بابت اهم اجلاس – 2392 پوليس اهلڪارن تي ٻڌل جامع پلان جو اعلان
سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ ساره جاويد جي صدارت هيٺ محرم الحرام دوران امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ ۽ ٻين انتظامن کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڀني قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علماءِ ڪرام ۽ لاڳاپيل آفيسرن سان گڏ هڪ گڏجاڻي اڄ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ منعقد ڪئي ويئي.
انهي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خطاب ڪندي چيو ته پاڪ ڀارت تڪرار ايران ۽ اسرائيل جي جنگ ۽ عالمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي هن سال محرم الحرام دوران سيڪيورٽي لاءِ وڌيڪ اثرائتا انتظام ڪيا وڃن. ڊپٽي ڪمشنر سڀني علماءِ ڪرام کي چيو ته ملڪ دشمن قوتون سرگرم آهن تنهنڪري اوهان کي پنهنجي مجلسن ۾ سڀني مذهبن ۽ فرقن جي ماڻهن تائين امن ڀائپي ۽ اتحاد جو پيغام عام ڪرڻو آهي،
۽ دنيا کي ڏيکارڻو آهي ته اسين سڀ هڪ جان آهيون. هن سڀني ٽائون آفيسرن ۽ ايڪسين حيسڪو کي هدايت ڪئي ته جلوسن جي رستن ۽ مجلسن جي جڳهن تي صفائي ۽ روشنيءَ جو بھتر بندوبست ڪيو وڃي. هن حيسڪو جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته محرم الحرام دوران لوڊشيڊنگ جو شيڊول مجلسن جي وقتن جي مطابق تبديل ڪيو وڃي ۽ جلوسن جي رستن مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ لوڊشيڊنگ کان پاسو ڪيو وڃي.
ان کان علاوه سيڪيورٽي ۽ ٻين انتظامي معاملن جي نگراني ۽ فوري حل لاءِ ضلعي هيڊڪوارٽر ۽ تعلقه هيڊڪوارٽر ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويندا. گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ايس ايس پي سانگھڙ غلام نبي ڪيريو چيو ته ضلعي ۾ مجلسن ۽ جلوسن لاءِ جامع سيڪيورٽي پلان ترتيب ڏنو ويو آهي جنهن لاءِ 2392 پوليس اهلڪار ۽ آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن جيڪي ماتمي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ الرٽ رهندا. ان کانسواءِ،
وڌيڪ 200 پوليس اهلڪارن ۽ 200 رينجرز جي مقرري لاءِ به لکيو ويو آهي. هن سڀني ماتمي جلوسن جي منتظمين کي چيو ته پنهنجن رضاڪارن جي فهرستون فراهم ڪن ته جيئن سيڪيورٽي ڪليئرنس بعد انهن کي ڪارڊ جاري ڪيا وڃن. ان موقعي تي مختلف مڪتب فڪر جي علماءِ ڪرام ضلعي انتظاميه کي محرم الحرام دوران امن امان برقرار رکڻ لاءِ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي ۽ درپيش مسئلن بابت به آگاهي ڏني.
ان اجلاس ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل 60 ونگ رينجرز کپرو رضوان، پاڪ آرمي ڇور ڪنٽ جي ڪيپٽن شمائل، سڀئي اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر دولت جمالي، لاڳاپيل کاتن جا آفيسر، شيعه علماء ڪائونسل جي ضلعي صدر رمز علي رند، جنرل سيڪريٽري عرفان علي لسڪاني، اهلِ سنت والجماعت جا علماءِ ڪرام ۽ ضلعي جي مختلف امام بارگاهن جا منتظمين پڻ موجود هئا.
جُون 19, 2025