سڪڻ: منشيات فروشيءَ ۾ ملوث ٽي عورتون گرفتار، نوجوان ڇوڪرين کي نشي ۾ مبتلا ڪرڻ جو انڪشاف – پوليس جي منظم نيٽ ورڪ خلاف ڪارروائي
سڪڻ ( رپورٽر ) پوليس جي ڪارروائي، منشيات وڪرو ڪندڙ ٽي عورتون گرفتار نوجوان ڇوڪرين کي نشي ۾ مبتلا ڪرڻ جو انڪشاف ڪراچي (ذوالفقار علي نصيراڻي) ملير سڪڻ پوليس ريڙهي ڳوٺ ۾ منشيات وڪرو ڪندڙ هڪ منظم نيٽ ورڪ خلاف ڪارروائي ڪندي ٽن عورتن رحمت بي بي،
رقعيا ۽ رضيا کي گرفتار ڪري ورتو، جيڪي نه رڳو منشيات جي واپار ۾ ملوث هيون پر نوجوان ڇوڪرين کي نشي جي عادت ۾ مبتلا ڪرڻ ۾ به سرگرم هيون پوليس موجب گرفتار عورتون هڪ منظم نيٽ ورڪ تحت منشيات جي واپار سان لاڳاپيل هيون جيڪي مخصوص هنڌن تي منشيات وڪرو ڪري رهيون هيون.
عورت جوابدارن جي قبضي مان 75 گرام آئس، 1430 گرام چرس ۽ وڏي مقدار ۾ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي آهي سڪڻ پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار عورتن جو مقصد رڳو پيسو ڪمائڻ نه هو،
پر هو نوجوان نسل خاص طور ڇوڪرين کي نشي جي عادت وجهڻ جي ترغيب ڏئي منشيات جي سپلائي چين جو حصو بڻائڻ ۾ مصروف هيون پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته گرفتار عورتون منشيات جي مختلف گروپن سان ڳنڍيل هيون ۽ منظم طريقي سان علائقي ۾ نشو وڪرو ڪري رهيون هيون.
سڪڻ پوليس گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جيئن نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل ٻين ڏوهارين تائين رسائي حاصل ڪري سگهجي
جُون 19, 2025