سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جي بدلي قانوني قرار ڏئي ڇڏي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ججز ٽرانسفر ڪيس خلاف درخواستون رد ڪري ڇڏيون.
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ججز ٽرانسفر ڪيس ۾ محفوظ فيصلو ٻڌائيندي ججز ٽرانسفر خلاف درخواستون رد ڪري ڇڏيون.
سپريم ڪورٽ 2-3 جي اڪثريت سان فيصلو ٻڌايو، درخواستن تي فيصلو آئيني بينچ جي جسٽس محمد علي مظهر ٻڌايو.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته سرفراز ڊوگر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي قائم مقام چيف جسٽس طور ڪم جاري رکندو.
واضح رهي ته صدر طرفان ٻين هاءِ ڪورٽن مان ججن جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بدلي کانپوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن سينارٽي معاملي تي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.

جُون 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو