دادو: انساني حقن جي تحفظ لاءِ ضلعي ڪاميٽي جو اجلاس، جيلن، اسپتالن، اسڪولن ۽ ٿاڻن جو جائزو وٺڻ جو فيصلو

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي )ڊپٽي ڪمشنر دادو سيد مرتضيٰ علي جي صدارت ھيٺ ضلعي ۾ انساني حقن جي معاملن جو جائزو ۽ مسئلن جي حل لاءِ سنڌ حڪومت پاران جوڙيل ضلعي انساني حقن جي ڪاميٽي جو اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر دادو پاران گذريل اجلاس جي ڪاروائي ۾ جاري ڪيل ھدايتن جي تي ٿيل پيش رفت رپورٽ جو جائزو ورتو ۽ ضلع اندر انساني حقن جي نگراني ۽ درپيش مسئلن جي حل لاءِ جوڳا قدم کڻڻ، جيلن ۾ قيدن لاءِ انساني حقن بابت جوڙيل قانون توڙي جيلن جي وزٽ ڪري جائزو وٺڻ،

اسپتالن جو دورو ڪري سھولتن ۽ ٿاڻن تي غيرقانوني تحويل يا تشدد جي شڪايتن تي جائزو وٺڻ سميت اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ انساني حقن جي آگاھي فراھم ڪرڻ توڙي انساني حقن جي ڀڃڪڙي جو شڪار ماڻھن کي مدد جي فراھمي سميت قانوني سفارشن جي تياري جي معاملن تي روشني وڌي وئي. ڊپٽي ڪمشنر دادو اجلاس ۾ سڀني ميمبرن، لاڳاپيل سرڪاري ادارن ۽ اسٽيڪ هولڊرن تي زور ڏنو ته هو ضلعي اندر انساني حقن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکن جيئن انساني حقن جي ڀڃڪڙي جھڙا واقعا جنم نه وٺن، هي اجلاس ضلعي اندر انساني حقن جي تحفظ، ترقي ۽ ڀڃڪڙي خلاف موثر اپائن بابت اهم اڳڀرائي ثابت ٿيو آھي،

اجلاس ۾ ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي، اي ڊي سي ٽو سڪندر رستماڻي، اي سي دادو سميع الله وڳڻ، اي سي ڪي اين شاه محسن رضا دستي، اي سي جوھي عدنان اظھر ھڪڙو، ايس پي جيل دادو جاويد ايوب مغيري، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر علي مرتضيٰ ڪولاچي، ھيومن رائيٽس غلام محمد، ھيومن رائيٽس ايڪٽوسٽ نياز چانڊيو، ڊپٽي ڊائريڪٽر چائلڊ پروٽيڪشن سيل دادو سيد ھدايت علي لڪياري ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر وومين ڊولپمينٽ دادو عزيزالله سولنگي، ڊپٽي ڊي او سيڪنڊري دادو عبدالسلام ميمڻ ۽ ٻين لاڳايپل عملدارن شرڪت ڪئي.

جُون 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو