مٺي: ترقي يافته ڳوٺ ڀڪوئو کي ٽائون ڪاميٽي جو درجو ڏيڻ ۽ آر او پلانٽ جي بحالي لاءِ ڳوٺاڻن جو سنڌ حڪومت کان مطالبو
مٺي(رپورٽ: الهڏنو بجير) تعلقي مٺي جو قديمي ڳوٺ ڀڪوئو جنهن کي اڪثر ڪري ڪافي سرڪاري سهوليتون مليل آھن جنهن ۾ هاءِ اسڪول، پرائمري اسڪولون، رورل هيلٿ سينٽر سميت هن ڳوٺ جي چوطرف مک روڊ به مليل آھن.
مٺي کان 25 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي هن ڳوٺ ڀڪوئو کي يونين ڪائونسل جو درجو مليل آھي جنهن ۾ 25 کان 30 وڏا ڳوٺ به يوسي جي ايراضي ۾ اچن ٿا ۽ هي ڳوٺ ڀڪوئو تعلقي ڏيپلو. اسلام ڪوٽ ۽ مٺي جي وچ ۾ هڪ حب جي حيثيت رکي ٿو ۽ ويرا واھ ڏانو ڌانڌل، مبارڪ رند ۽ چيلهار جيان هڪ نئون شهر ٿيڻ طرف وڃي رهيو آھي پر سنڌ حڪومت ۽ تر جي چونڊيل مقامي نمائندن جي بي ڌياني هن ڳوٺ کي شهر طرف اڳتي وڌائڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل آھن.
انهي سلسلي ۾ ميڊيا جي هڪ ٽيم ڳوٺ ڀڪوئو جو دورو ڪيو جتي ڳوٺاڻن هرهڪ رمضان درس، قيمت مينگهواڙ ۽ ٻين چيو ته اسان جو ڳوٺ ڀڪوئو هڪ ترقي يافته ڳوٺ آھي ۽ اسان کي هر سرڪاري سهوليت موثر آھي پر آر پلانٽ ڪجه سالن کان خراب پيل آھي جنهن ڪري اسان کي پيئڻ جي پاڻي جي وڏي تڪليف آھي.
هنن سنڌ حڪومت کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته ڀڪوئو کي ٽائون ڪاميٽي يا تعلقي جو درجو ڏيئي هتي سموريون بنيادي سهوليتون فراهم ڪيون وڃن.
جُون 18, 2025