سکر: پريس ڪلب ۾ ميڊيا سائنس جي شاگردياڻين لاءِ انٽرن شپ پروگرام جي شروعات، صحافتي سکيا لاءِ نئون قدم
سکر(رپورٽ : امداد گل ڪلوڙ) سکر پريس ڪلب ۾ ميڊيا سائنس جي شاگردياڻين لاءِ انٽرن شپ پروگرام جي شروعات ۔سکر پريس ڪلب جي پليٽ فارم تان مختلف نالي وارين يونيورسٽين جي ميڊيا سائنس پڙهندڙ شاگردياڻين لاءِ هڪ جامع انٽرن شپ پروگرام شروع ڪيو ويو آهي۔ ان سلسلي ۾ شاگردياڻين سان ملاقات ۽ پروگرام جي تفصيل بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ هڪ خاص ويهڪ جو اهتمام ڪيو ويو،
جنهن ۾ سنڌ وومين جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي صدر سحرش کوکر بريفنگ ڏني۔انٽرن شپ پروگرام تحت شاگردياڻين کي ڇهه هفتن تي مشتمل عملي تربيت ڏني ويندي، جنهن ۾ کين صحافت جي مختلف پهلوئن تي مبني ڪلاسن، اسائنمنٽن ۽ رپورٽن تي ڪم ڪرايو ويندو۔ سکر پريس ڪلب جي سينيئر صحافين تي ٻڌل هڪ خاص ڪاميٽي جوڙي ويندي،
جيڪا مختلف ڏينهن ۾ ليڪچر ڏيندي ۽ شاگردياڻين جي پيش رفت تي نظر رکندي۔سکر آءِ بي اي سميت ٻين ادارن سان لاڳاپيل شاگردياڻين سکر پريس ڪلب ۽ ان جي انتظاميا جا ٿورا مڃيندي چيو ته اسين ڪافي وقت کان پريشان هئاسين ڇاڪاڻ ته ميڊيا سائنس جي شاگردن لاءِ عملي تربيت ۽ مستقبل جي رٿابندي جي کوٽ هڪ وڏو الميو بڻجي چڪو آهي۔ سکر پريس ڪلب ۽ خاص طور تي عورت صحافي سحرش کوکر طرفان اسان جي رهنمائي ۽ حوصلا افزائي تي اسين دل جي گهراين سان شڪر گذار آهيون۔
اسان کي يقين آهي ته هي انٽرن شپ اسان لاءِ هڪ بهترين سکيا جو مرڪز ثابت ٿيندو۔ان موقعي تي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سيڪريٽري فنانس لالا اسد پٺاڻ انٽرن شپ پروگرام جي شروعات تي نيڪ تمنائن جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙا قدم شاگردن جي روشن مستقبل جي ضمانت آهن۔
جُون 18, 2025