سکر: هٿياربند ڏوهارين جي واڌندڙ وارداتن تي شهري پريشان، پوليس بي وس
سکر(رپورٽ : امداد گل ڪلوڙ) سکر شهر ۾ هٿياربند ڏوهارين جون ڪاروائيون پوليس ڏوهارين آڏو بي وس بڻيل سکر شھر هٿياربندن جي رحم و ڪرم تي، هڪ ئي ڏينهن ۾ ٻن دڪانن کي ڦرڻ سميت شهري کي موٽرسائيڪل کان محروم ڪري ڇڏيو، شهري ۽ سماجي حلقن ۾ ڳڻتي،ان سلسلي ۾ سکر شهر ۾ هٿياربندن جون ڏوهي سرگرميون تيزيءَ سان جاري آهن سکر پوليس طرفان ڪيل دعوائون رڳو دعوائون نظر اچي پيون آهن گذريل ڏينهن به نامعلوم هٿياربندن سکر شهر ۾ ڏوهي ڪاررواين دوران ٻن دڪاندارن کي ڦرڻ سميت هڪ شهري کي موٽرسائيڪل کان محروم ڪري ڇڏيو،
سکر جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد پاڪستان هوٽل جي ويجهو سٽي پوائنٽ سکر ويجهو سميع الله شيخ (ايم ايم) جي ڪنفنسري جي دڪان تي ٻن نامعلوم هٿياربند موٽرسائيڪل سوارن هٿياربندن جي زور تي ٽي لک ۽ ٽچ موبائل فون ڦر ڪري فرار جڏهن ته محمد علي ولد عبدالمجيد ميمڻ جي نئين ڳوٺ مان احسن ٽريڊرز جي نالي سان بوتل ۽ جوس جي دوڪان تان 70 هزار ڪيش ۽ هڪ موبائل فون ڦر ڪرڻ سميت هڪ شهري کي موٽرسائيڪل کان به محروم ڪري ڇڏيو
سکر ۾ وڌندڙ ڦر ۽ چورين جي واقعن تي شهري ۽ سماجي حلقن ۾ ڳڻتيءَ جي لهر پکڙجي وئي آهي۔انهن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
جُون 18, 2025