سکر: نمائش چوڪ تي ٽرانسفارمر ۾ اوچتو باهه، دڪان سميت لکين جو سامان سڙي ويو، بجلي جي فراهمي معطل

Spread the love

سکر(بيورورپورٽ) پراڻي سکر نمائش چوڪ تي ٽرانسفارمر ۾ باهه لڳي وئي، ٽرانسفارمر تارن  سميت  سڙي ويو، علائقي ۾ خوف ۽ هراس، ڪيترن ئي ڪلاڪن کانپوءِ ريسڪيو ٽيم باهه تي ضابطو آندو،

 علائقي ۾ بجلي جي فراهمي بند،ان سلسلي ۾  پراڻي سکر جي علائقي نمائش چوڪ روڊ تي لڳل بجلي جي ٽرانسفارمر ۾ اوچتو باهه لڳي وئي جنهن کي ڏسندي ئي ڏسندي تارن کي لپٽ ۾ وٺي ويو ۽ بعد ۾ ٽرانسفارمر جي هيٺان قائم دڪان کي به پنهنجي لپٽ ۾ وٺي ويو جنهن جي نتيجي ۾ ٽرانسفارمر سڙي ويو پر دڪان ۾ موجود لکين رپين جو سامان به سڙي خاڪ ٿي ويو،

واقعي باھ واقعي سبب علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو. جڏهن ته ڪيترائي ڪلاڪ بعد ريسڪيو ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي وئي وڏي ڪوششن کانپوء باھ تي ضابطو آندو پر علائقي ۾ بجلي جي فراهمي بند ٿي وئي.

جُون 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو