سکر: روهڙي جي ٺيڪيدار راشد ڀٽو پاران 5 ارب رپين جي مبينا ميگا ڪرپشن جو انڪشاف، صوبائي هاءِ ويز ڊويزن سکر جي انجنيئر زين مورو تي 26 سيڪڙو رشوت طلب ڪرڻ جو الزام

Spread the love

سکر(رپورٽ : امداد گل ڪلوڙ) روهڙي  جي رهائشي ٺيڪيدار راشد حسين ڀٽو سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته تقريبن 5 ارب رپين جي ميگا ڪرپشن صوبائي هاءِ ويز ڊويزن سکر جي انجنيئر زين مورو قانون ۽ سسپرا قانون کي هوا ۾ اڏائي ڇڏيو آھي هن الزام هنيو ته،16مئي 2025 تي ٽينڊر ريٽ ڀريندڙ ٽينڊر باڪس مين رکيا هئا

 جيڪي ڪميٽي جي سامهون کولڻ کان سواءِ سسپرا جي ويب سائيٽ تي بڊايوليشن لڳائڻ کان سواءِ غير قانوني طريقي سان بل ٺاهي ٽيزري آفيسر سکر جي مدد سان اربين رپيا ايڊوانس فنڊ ڪڍي ونڊ ورهاست ڪيو ويو ۽ ان سان گڏ انجنيئر زين مورو 26 سيڪڙو رشوت جي طور تي ايڊوانس ڪميشن گهري هئي جيڪا نه ڏيڻ تي هن ريٽ ٽينڊر نه کوليا ويا زين مورو جو چوڻ آھي ته مون کي چيف انجنيئر مجيد پنهيار جي حڪم کان سواءِ ايڊوانس 26 سيڪڙو رشوت جي ڪنهن کي به ٺيڪو نه ڏنو ويندو ۽ رشوت جو ريٽ مان  طئي ڪيو آھي ۽ انهن کي به ڏيڻو پوندو۔ راشد ڀٽو اعليٰ اختيارين کان انڪوائري جي اپيل ڪئي آهي.

جُون 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو