ايران-اسرائيل ڇڪتاڻ: ٽرمپ جي تهران واسين کي شهر خالي ڪرڻ جي وارننگ، يهودي حملن ۾ 3 ايراني صحافي شهيد

تهران/واشنگٽن/ تل ابيب (ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ خطرناڪ حد تائين وڌي ويئي آهي. جتي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان تهران جي هڪ ڪروڙ شهرين کي ” ترت شهر نيڪالي “جي وارننگ جاري ڪرڻ کانپوءِ ايراني راڄڌاني ۾ زوردار ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن.
صورتحال جي سنگيني سبب آمريڪي صدر ٽرمپ ڪئناڊا ۾ جاري جي-سيون اجلاس اڌ ۾ ڇڏي آمريڪا واپس وڃڻ جو فيصلو ڪيو ورتو ورتو.
آمريڪي بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسيٿ تصديق ڪئي آهي ته ته هن وچ اوڀر ۾ وڌيڪ فوجي صلاحيتون مقرر ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي ته جيئن ممڪن خطري کي منهن ڏئي سگهجي.
ٻئي پاسي، اسرائيلي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان جاري ايراني حملن کانپوءِ حيفا جي ريفائنري جو ڪم عارضي طور بند ڪيو ويو آهي.
ان ڏس ۾ ايراني پرڏيهي وزير سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي خاموش ڪرائڻ لاءِ واشنگٽن مان رڳو هڪ فون ڪال ڪافي آهي.
ان کان اڳ، اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نتن ياهو به جارحاڻو بيان ڏيندي چيو آهي ته ”ايراني سپريم ليڊر کي ختم ڪرڻ جو ڪنهن به ممڪن منصوبي سان تڪرار ڊيگهه ڏيندو پر مسئلي جي جڙ کي ختم ٿي ويندي.“
ايراني سرڪاري ٽي وي دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيلي حملي ۾ ٽي صحافي شهيد ٿيا آهن، جڏهن ته فوتگين جو صحيح انگ اڃا سامهون ناهي آيو.