جئه شاهه جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ سان هٿ چراند، نئين تجويز ڏئي ڇڏيائين

Spread the love

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي سربراهه جئه شاهه ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ تبديلي آڻڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، آءِ سي سي سربراهه ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ تبديلي آڻڻ چاهي ٿو، ان ڏس ۾ 2027 کان 2029ع تائين جي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ لاءِ ٽيسٽ ميچون پنجن ڏينهن بدران چئن ڏينهن تائين محدود ٿي سگهن ٿيون.
اها تجويز ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل دوران سامهون آئي آهي، جتي آءِ سي سي سربراهه چيو ته ننڍن ملڪن لاءِ چئن ڏينهن واريون ٽيسٽ ميچون مالي ۽ لاجسٽڪ مسئلا گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون.
ڀارت، آسٽريليا ۽ انگلينڊ جي ٽيمن کي روايتي سيريزن جهڙوڪ ايشز، بارڊر-گواسڪر ٽرافي ۽ اينڊرسن-ٽنڊولڪر ٽرافي لاءِ پنجن ڏينهن تي ٻڌل ٽيسٽ کيڏڻ جي اجازت هوندي.
تجويز موجب، چئن ڏينهن واري ٽيسٽ ميچ ۾ روزانو 98 اوورن جي راند ٿيندي، جڏهن ته ٽن ٽيسٽ ميچن واري سيريز کي ٽن هفتن کان به گهٽ وقت ۾ مڪمل ڪرڻ ممڪن هوندي.
رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته ان تجويز جي منظوري 2027 کان 2029ع واري سائيڪل لاءِ ڏيڻ جو امڪان آهي.

جُون 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو