وڳڻ: هٿياربندن جي حملي کانپوءِ تنيا برادري ۾ ڇڪتاڻ
وڳڻ (رپورٽ : عاجز چانڊيو) وڳڻ، ڊرگھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٺوڙھي بجار ۾ گذريل ڏينھن تنيا برادريء جي چڱي مڙس حاجي عبدالجبار تنيو جي گاڏيء مٿان ٿيل ھٿياربندن جي حملي ۾ مارجي ويل ڳوٺاڻي جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد سندس مقامي قبرستان ۾ تدفين واقعي جو ڪيس داخل نٿي سگھيو جڏھن ته چڱي مڙس مٿان ٿيل حملي ھڪ ڄڻي جي قتل ۽ زخمي ٿيڻ واري واقعي بعد تنيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ۽ ممڪنا خوني جھيڙي کي ختم ڪرائڻ لاء تنيا برادريء جي چڱن مڙسن ۽ سوين معززين جي يو آء اڳواڻ مولوي گل انقلابي،
پ پ پ اڳواڻن رئيس مجيب الرحمان تنيو، خانصاحب عمران علي تنيو، ڪامريڊ نظير احمد تنيو، رائيس ملرس اڳواڻ اسد الله تنيو، وڏيرو ڪليم الله تنيو، حاجي سڪندر علي تنيو، سيٺ الھرکيو تنيو، حاجي مجاھد علي تنيو، حافظ محمد عزير جاگيراڻي، قاري محمد عثمان مغيري، عبدالوھاب تنيو، رئيس حزب الله تنيو،
شادي خان تنيو ۽ ٻيا قرآن مجيد کڻي ڳوٺ ياروديرو پھچي تنيا برادريء جي چڱي مڙس حاجي عبدالجبار تنيو وٽ ميڙ منٿ قافلو وٺي پھتا ان موقعي تي ميڙ منٿ قافلي ۾ شامل نيڪ مردن کيس جھيڙو ختم ڪرڻ صلح ڪرڻ ۽ پاڻ ۾ ٺاھ ڪرڻ لاء زور ڀريو ان موقعي تي تنيا برادريء جي چڱي مڙس حاجي عبدالجبار تنيو قرآن مجيد ۽ ميڙ منٿ ۾ آيل معززن کي مان ڏيندي امن ۽ صلح سان رھڻ وڌيڪ جھيڙو نه ڪرڻ ۽ مقتول جي وارثن سان صلاح مشوري بعد مثبت موٽ ڏيڻ ۽ ٺاھ تي آمادگي پڻ ظاھر ڪئي ۽ چيو ته مان ڪڏھن به پنھنجي برادريء ۾ جھيڙو نه ڪرائڻ ۽ امن امان سان رھڻ کي ترجيح ڏني آھي جڏھن ته مان ھڪ ڳوٺاڻي جي دعوت تي ويو ھيس ته مون مٿان حملو ڪيو ويو انکانپوء به مان ھن وقت تائين ڪوبه غير قانوني قدم ناھي کنيو ۽ نه ئي اڳتي کڻندس مونکي قرآن مجيد ۽ ميڙ منٿ ۾ آيلن لاء عزت ۽ احترام آھي کين صلاح مشوري بعد سٺي موٽ ڏني ويندي جنھن بعد تنيا برادريء جي چيف سردار الطاف حسين تنيو جي اڳواڻيء ۾ سوين ماڻھن ڳوٺ ٺوڙھي بجار پھچي مقتول سڌير تنيو جي تڏي تي پھچي سندس وارثن پيرسن پيء حاڪم ۽ ٻين وارثن سان تعزيت پڻ ڪئي ۽ ساڻن مڪمل ھمدرديء جو اظھار پڻ ڪيو،
جُون 17, 2025