ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ جو انساني ڀلائي وارو قدم: فوت ۽ زخمي صفائي ملازمن لاءِ مالي امدادي چيڪ جاري

Spread the love

عمرڪوٽ : ( رپوٽر ) ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ پاران شاندار قدم، فوت ٿيل ۽ زخمي صفائي ملازمن لاءِ مالي امداد جا چيڪ جاريڇور(رپورٽ:لالجي سوڍو) ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ پاران صفائي جي ڊيوٽي دوران فوت ۽ زخمي ٿيندڙ ملازمن لاءِ مثالي قدم کنيو ويو،

پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع عمرڪوٽ جي اڳواڻ ۽ ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ جي چيئرمين حاجي سيف الله خالد سراج سومرو جي هدايت تي فوت ٿيل خانگي صفائي ملازمن جي وارثن کي 2،2 لک رپين جا امدادي چيڪ جاري ڪيا ويا،

جڏهن ته صفائي جي ڪم دوران زخمي ٿيل ملازمن کي 50،000 هزار رپين جا چيڪ فراهم ڪيا ويا، ان موقعي تي چيئرمين سيف الله خالد سراج سومرو چيو ته صفائي ملازمن جي خدمت کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، اهي اسان جي شهر جي صفائي ۽ بهتري لاءِ پنهنجون جانيون به قربان ڪن ٿا،

فوت ٿيل ۽ زخمي ملازمن جي خاندانن سان ڀرپور سهڪار جاري رکيو ويندو، عوامي حلقن پاران هن انساني ڀلائي جي قدم کي ساراهيو ويو آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي وئي آهي ته ٻين ادارن کي به پنهنجي ملازمن جي فلاح لاءِ اهڙا قدم کڻڻ گهرجن ان موقعي تي وائيس چيئرمين ميونسپل ڪميٽيءَ عمرڪوٽ ڪمار ٽلواڻي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

جُون 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو