سکر: NIRC پاران يوٽيلٽي اسٽورز جي بندش خلاف حڪم معطل، اعليٰ آفيسرن کي 1 جولاءِ تي طلب
سکر (رپورٽ : امداد گل ڪلوڙ) نيشنل انڊسٽريل رليشنز ڪميشن (NIRC) سکر بينچ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن آف پاڪستان (پرائيويٽ) لميٽيڊ اسلام آباد جي مينيجنگ ڊائريڪٽر،
جنرل مينيجر SO&S ۽ زونل مينيجرز جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جتي سکر ۽ ڪراچي زون ۾ گھوٽڪي، شڪارپور، دادو، نوابشاهه، ميرپور خاص،
بدين ۽ گوادر ريجنز کي بند ڪرڻ خلاف اعتراض داخل ڪيو ويو هو۔اين آءِ آر سي سکر بينچ جي ميمبر سيد نورالحسينن، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي اعليٰ آفيسرن کي مٿي ڄاڻايل ريجن بند ڪرڻ کان روڪيندي،
جنرل مينيجر SO&S پاران 12 جون تي جاري ڪيل حڪم کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ 1 جولاءِ تي سندن عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو۔
جُون 17, 2025