سکر: تعليمي شعور اجاگر ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، پروفيسر رضوان الله خان جي غياث الدين قادري سان ملاقات
سکر (رپورٽ : امداد گل ڪلوڙ) تعليمي ادارن ۾ داخلا جي ترغيب شعور جي علامت آهي، استاد ادارن جي شه رگ آهن، جڏهن ٽيچرز جا افڪار ۽ نظريا ادارن جي تعليمي واڌاري، ڪاميابي ۽ نيڪنامي لاءِ وقف هجن ته اها معاشري جي اعليٰ خدمت آهي. اهي خيالات مشهور تعليمي ماهر،
سينئر استاد ۽ ناليواري سماجي شخصيت، ICMA جي پروفيسر رضوان الله خان پنهنجي آفيس ۾ ميلادِ مصطفىٰ ڪميٽي جي باني چيئرمين ۽ المصطفىٰ ويلفيئر سوسائٽي سنڌ ڪميٽي جي ميمبر سماجي اڳواڻ غياث الدين قادري سان ملاقات دوران اظهار ڪيا۔رضوان الله خان چيو ته تعليمي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ هاڻ ڪيترن ئي رستن جا در کلي ويا آهن، شاگردن جي دلچسپي، ذوق ۽ شوق مطابق ڪيترن ئي شعبن ۾، حڪومت جي سيڪٽرن، يونيورسٽين،
ڪاليجن، ٽيڪنيڪل ادارن ۾ اڳ کان وڌيڪ تعليمي سهولتون موجود آهن، پر معلومات جي آگاهي جي کوٽ ۽ رڳو داخلا مهم دوران خانہ پوري هڪ وڏو الميو آهي۔ تعليم حاصل ڪرڻ جو شعور پيدا ڪندڙ ماڻهو ايندڙ نسلن جي خدمت ڪري رهيا آهن۔ان موقعي تي،
غياث الدين قادري پروفيسر رضوان الله خان سان گڏجي ICMA انٽرنيشنل سکر ڪيمپس جي پرنسپال ميڊم سائرہ بلوچ سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ GVTI ۾ CBT&A جي 6 مهينن جي شارٽ ٽيڪنيڪل ڪورسز بابت ڳالهيون ڪيون۔ فني تعليمي ادارن جي افاديت، اهميت،
ضرورت ۽ مارڪيٽ جي ڊيمانڊ مطابق شاگردن ۽ نوجوانن کي هنر سيکاري روزگار سان ڳنڍڻ بابت تفصيلي گفتگو ڪئي وئي۔هنن چيو ته تعليمي ادارن جي آفيسرن، اسٽاف ۽ استادَن جي وچ ۾ باهمي رابطن جو هجڻ خوش آئند، حوصله افزا ۽ فائدي مند آهي، جنهن جا معاشري تي مثبت اثر پوندا۔
جُون 17, 2025