سکر: محرم الحرام جي حوالي سان علماءِ ديوبند جو اجلاس، “شهداء اسلام” تي پروگرام، اتحاد ۽ هم آهنگي تي زور

Spread the love

سکر (بيورو رپورٽ) تنظيم خطباءِ اهلِ سنت والجماعت علماءِ ديوبند ضلع سکر جي سڌر ۾ محرم الحرام جي حوالي سان علماءِ ڪرام جو هڪ اجلاس مدرسه منزل گاهه سکر ۾ صدر مولانا عبدالرشيد ٽانوري جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو۔ اجلاس ۾ خاص مهمان طور تي جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي ناظم حضرت مفتي سعود افضل هاليجوئي شرڪت ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ مولانا صدام حسين سبزوي، قاري لياقت علي مغل، مفتي قمرالدين ملاڻو، مفتي اعظم مهر،  عبدالڪريم چوهان، حافظ رفيق احمد توحيدي،

 مولانا دائم الدين ٽانوري، مولانا عبدالصمد انقلابي، مولانا محمد قاسم شيخ، شاعر شهزادو ميراني، نعت خوان راشد منگي، فضل الرحمان مهر، الله بخش شيخ سميت ٻين علماءِ ڪرام شرڪت ڪئي۔اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته محرم الحرام جي ڏينهن دوران ضلع سکر جي مسجدن ۽ مدرسن ۾ تنظيم خطباءِ اهلِ سنت والجماعت علماءِ ديوبند جي احتمام هيٺ “شهداء اسلام” جي حوالي  سان پروگرامن جو اهتمام ڪيو ويندو۔

اجلاس ۾ علماءِ ڪرام محرم الحرام جي حرمت ۽ تقدس کي برقرار رکڻ جي اپيل ڪئي ۽ ان موقعي تي فرقي وارانه هم آهنگي ۽ اتحاد جي ضرورت تي زور ڏنو۔اجلاس دوران جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي ناظم مفتي سعود افضل هاليجوئي ۽ ٻين علماءِ ڪرام خطاب ڪندي چيو ته اسلام جي تاريخ “شهداء اسلام” سان ڀريل  آهي، جن جي قربانين سان اسلام کي عظمت ۽ طاقت ملي ۽ حق جو جهنڊو بلند ٿيو۔ شهيدن پنهنجون جانيون قربان ڪري اسلام کي سڄي دنيا ۾ مٿانهون ڪيو۔

اڄ انهن عظيم شخصيتن جون قربانيون امتِ مسلمه لاءِ مشعلِ راهه آهن۔واقعو ڪربلا سڀني مسلمانن لاءِ مشعل راهه جي حيثيت رکي ٿو، جيڪو درس ڏئي ٿو ته اسلام دشمن ۽ طاغوتي قوتن اڳيان ڪڏهن به سر نه جھڪائڻ گهرجي۔خدا برحق جي محبوب، ٻنھي جهانن جي آقا حضرت محمد ﷺ، عرب جي ماڻهن کي امن ۽ سلامتي واري دين “اسلام” جي دعوت ڏني، جيڪو حق، انصاف، مساوات ۽ باهمي هم آهنگي تي ٻڌل آهي۔

 اسلام هڪ مڪمل دين آهي، جيڪو مسلمانن ۾ اتحاد، يڪجهتي ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏيڻ تي زور ڏئي ٿو۔شهداء اسلام  جون قربانيون، دين اسلام جي سربلندي لاءِ، ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن۔ محرم الحرام جو مهينو اسان کي انهن شهيدن ۽ سندن جانثار ساٿين جي لازوال قربانين جي ياد ڏياريندو آهي، جيڪي صرف ۽ صرف الله جي خوشنودي، دين اسلام جي مٿاهين ۽ باطل قوتن جي طمع ۽ حرص کي رد ڪندي سر انجام ڏنيون۔

جُون 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو