دادو: سنڌو تي ڌاڙو، زمينن جي نيلامي ۽ قومي ڪارڪنن جي جبري گمشدگي خلاف شاگرد تنظيم سنڌ سڀا پاران احتجاجي ريلي
دادو: ( رپورٽر ) سنڌو تي ڌاڙو، زمينن جي نيلامي، قومي ڪارڪنن جي جبري گمشدگي خلاف سنڌ سڀا جي شاگرد تنظيم پاران دادو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ريليدادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) سنڌ سڀا جي مرڪزي سڏ تي دادو ۾ بہ سنڌ سڀا جي نوجوان شاگرد تنظيم تعلقو دادو پاران پرامن احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا ڊاڪٽر راجا لنڊ،
عديل پنھور، علي جان زئنور، نظام الدين انڙ ۽ ٻين شاگرد اڳواڻن جي اڳواڻيءَ ۾ دادو پريس ڪلب آڏو پهتي احتجاج ڪندڙ شاگردن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا،
جن تي سنڌو درياءَ تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمينن جي نيلامي، شھيد نوجوان زاھد لغاري ۽ عرفان لغاري جي قاتلن جي گرفتاري ۽ کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ مطالبا لکيل هئا ان موقعي تي شاگرد اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته انعام سنڌي، ارباب ڀيل، اسد سيال، سنسار ميراڻي،
افضل مري ۽ ٻين سنڌي سياسي ۽ قومي ڪارڪنن کي بنا ڪنهن قانوني ڪارروائيءَ جي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جيڪو انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي اڳواڻن عالمي انساني حقن جي ادارن کان مطالبو ڪيو ته جبري طور کنڀي گم ڪيل سمورن قومي ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، ۽ اهڙي رياستي جبر جي جاچ ڪئي وڃي احتجاج ڪندڙن سنڌو درياءَ تي ڌاڙي،
ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمينن جي نيلامي ۽ ڳوٺ بجراڻي لغاري مان پوليس جي گهيري کي غيرقانوني قرار ڏيندي چيو ته شھيد زاھد لغاري ۽ عرفان لغاري جي قاتلن کي گرفتار ڪري کين سزا ڏئي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي، ۽ سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙو بند ڪيو وڃي، احتجاجي ريلي پرامن طريقي سان پڄاڻي تي پهتي، جتي شاگردن اعلان ڪيو ته جيڪڏهن سندن مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو،
جُون 17, 2025