ڇور ۾ فقير رحمت الله منڱريو جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ، فقير محمد امين منڱريو ڪلب جي شاندار فتح

Spread the love

ڇور (رپورٽ: لالجي سوڍو )  ڇور ويجھو ڳوٺ ڦوٽو منڱريو ونجھي ڪرڪيٽ گرائونڊ  ته  مرحوم فقير رحمت الله منڱريو   جي ياد ۾ فري انٽري امجد منڱريو اسد منڱريو غلام شبير ۽ عمران منڱريو پاران ڪرايل تمام بھترين ٽيپ بال نائيٽ  ڪرڪيٽ  ٽورنامنٽ جو فائنل مئچ فقير محمد امين منڱريو  ڪرڪيٽ ڪلب  ۽ کاروڙو ڪرڪيٽ ڪلب   وچ ۾ ٿيو

کاروڙو ڪرڪيٽ ڪلب  پھرين بيٽنگ ڪندي مقرر ٻن اوورن ۾ 27 رنسون 2 وڪيٽن جي نقصان ته ٺاھيون   جواب ۾ فقير محمد امين منڱريو ڪرڪيٽ ڪلب  آخري اوور جي ٽئين بال ته بنا  وڪيٽ جي نقصان ته ٽارگيٽ پورو ڪري فائنل کٽي ورتو فقير محمد امين منڱريو ڪرڪيٽ ڪلب طرفان رفيق ڀيو 22  رنسون ٺاھيون  اھڙي طرح فقير محمد امين منڱريو ڪرڪيٽ ڪلب  10 وڪيٽن تان  فائنل کٽي ورتو

 آخر ۾ مھمان خاص  فقير شير محمد منڱريو علي محمد منڱريو خدابخش ھاليپوٽو  ۽ ٻين  پاران ونر ٽيم جي ڪيپٽن حاجي عالم ڀنڀرو کي ونر ٽرافي ۽ ڪيش پرائز  رنر ٽيم جي ڪيپٽن نواز ڪنڀر کي رنر ٽرافي ۽ ڪيش پرائز  مين آف دي مئچ رفيق ڀيو مين آف دي سيريز  نواز ڪنڀر

جُون 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو