سيمن سينٽر ڪرپشن ڪيس: ڊاڪٽر مختيار نوناري خلاف ڪورٽ ڪاروائي، ڀوتارن جي درگاهن تي حاضريون ڀرڻ لڳو

Spread the love

سکر(رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) ميڊيا تي خبرون شايع ٿيڻ بعد جانورن جي ڊاڪٽر خلاف ڪورٽ ۾ ڪيس داخل۔ بچاء خاطر همراھ ڀوتارن جي درگاهن تي حاضريون ڀرڻ لڳو۔تفصيل موجب۔

ڪجھ ڏينهن اڳ ميڊيا تي خبرون شايع ٿيون هيون ته لائيو اسٽاڪ سنڌ پاران ڪنڍي نسل جي مينهن جي واڌ ويجھ لاء روهڙي ۾ قائم سيمن پراڊڪشن يونٽ ڪنڊي بڦيلو بريڊ امپرومينٽ سينٽر ڪرپشن جي ورچڙهي ويو آهي ۽ سينٽر تي مقرر آفيسر ڊاڪٽر مختيار نوناري ڏهن جانورن (سانَنِ)لاء سنڌ حڪومت پاران مليل ڏيڍ ڪروڙ روپيا بجيٽ ڪوڙا ۽ جالي بل ٺاهي هڙپ ڪرڻ سميت جانورن لاء گودام ۾ رکيل ڪڻڪ ۽ ساريون به چوري ڪري ويو آهي۔

باخبر ذريعن موجب ته خيرپور جي هڪ سماج سڌارڪ وڪيل پاران اخبارن ۾ شايع ٿيل خبرن جي ڪٽنگ ساڻ ڪري ٿيل ميگا ڪرپشن جي تحقيقات ڪرڻ ۽ ڪرپٽ آفيسرن کي قانوني طور سزا ڏيارڻ لاء ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي۔

جنهن بعد ٻڌايو وڃي ٿو ته مذڪوره ڊاڪٽر پاڻ کي بچائڻ خاطر ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ کان پهريان هڪ وڏي سياسي ڀوتار جي درگاھ تي حاضريون ڀرڻ ۾ مصروف ٿي ويو آهي۔

جُون 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو