سکر ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ريجنل ڪانفرنس، اسڪولن جي بهتري لاءِ نوان اعلان، ٻهراڙين ۾ نوان اسڪول کولڻ جو فيصلو

Spread the love

سکر(رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ)سکر ۾  سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن طرفان سيف جي پارٽنرن سان سکر ريجنل ڪانفرنس ٿي گزري جنهن ۾ اتر سنڌ جي سکر ضلعي سميت گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻو سان تعلق رکندڙ ايس ئي ايف اسڪول هلائيندڙ پارٽنرن ڀرپور شرڪت ڪئي جن ۾   عورتن پارٽنرز  پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۔ 

 مئنيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن  گنهور علي لغاري , شهپاره رضوي, نثار ٻانڀڻ, مس مونا , ريجنل هيڊ سکر مقبول لغاري ۽ اسٽيج جي ڪاروائي سکر ڊسٽرڪٽ هيڊ اياز انصاري هلائي۔

 آء بي اي يونيورستي جي آڊيٽوريم م منعقد سکر ريجنل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ايم ڊي سيف  چيو ته اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي اسڪول آڻڻ لاء ڪوششون وٺي رهيا آهيون جنهن لاء نوان اسڪول صوبي جي ٻهراڙين ۾ پٽتي پيل علائقن ۾ کولڻ وڃي رهيا آهيون .

سکر م سيف جي پارٽنرز سان ريجنل ڪانفرنس دوران ڳالهائيندي ايم ڊي سيف چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته خاص ڪري آئوٽ آف اسڪول ٻارن کي اسڪول ۾ آڻي نج ٻهراڻين ۾  جتي اسڪول جي سهولت ميسر نه آهي اسڪول کوليا وڃن.ايم ڊي سيف جو وڌيڪ چوڻ  هيو ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 26 سو اسڪولز ۾ پارٽنرز  جي مدد سان بهتر کان بهترين ڪرڻ جو ڪوشش ڪندس ان پنهجي خطاب ۾ اي سي ايف جي ايندڙ وقت ۾ بهترين انتظامڪاري ۽ سيف مانٽرنگ سان گڏوگڏ بهترين اسيسمينٽ جي طريقه ڪار تي پنهنجي ارادن جو اظهار ڪيو ۽ پارٽنر سان  ڪوآرڊينيشن کي وڌائڻ ۽ پارٽنر طرفان به 100 سيڪڙو محنت ۽ ساٿ تي زور ڏنو۔

آخر ڪانفرنس حال ۾ آيل پارٽنرن سان خوشگوار انداز ۾ ڪلاڪ کان وڌيڪ ايم ڊي پڇيل سوالن جا تسلي بخش جواب ڏنا۔…..سيف پارٽنرز سبسڊي وڌائڻ سميت, ڪتابن جي وقت سر فراهمي, بينڪ اڪائونٽ کولرائڻ,استادن جي پگهارن ,هارڊ ايريا ۾ هلندڙ اسڪولن جون مشڪلات سميت مختلف مسئلن تي پنهجا رايا, ايم ڊي سيف سان ڪانفرنس دوران ڊسڪس پڻ ڪيا .ريجنل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ايم ڊي شہپارہ رضوي جو چوڻ هيو اسڪول جو ماحول تعليم دوست ڪرڻ سان نتيجا ملندا جنهن لاء سيف ٽيچرز ٽريننگ پڻ ڪرائي رهي آهي جڏهن ته موجوده دور کي نظر م رکندي ڊجيٽل لرننگ جا ڪلاس پڻ شروع ڪيا ويا آهن ان سکڻ ۽ سيکارڻ تي روشني وجهندي ٻار جي زهني ۽ جسماني نشونما ۾ اسڪول جي ڪردار کي واضح ڪيو ۽ پارٽنرز کي اسڪول ۾ لرننگ ماحول بنائڻ ۾ ان جي ڪردار کي وڌائڻ لا چيو .

سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ڊائريڪٽر پروگرامز ۽ پلاننگ نثار ٻانڀڻ چيو ته وڏي وزير ۽ وزير تعليم جي تجويزن مطابق هاڻي سيف سنڌ جي ڏکين ۽ ڏورانهن علائقن ۾ اسڪول کولڻ وڃي پئي . نثار ٻانڀڻ چيو ته اسڪول ۾  ٻارن کي هڪ صاف سٿرو ۽ معياري ماحول فراهم ڪرڻ ,پيڻ جي پاڻي جو موسم تحت انتظام ,نياڻين لا بيت واش رومز جو بندوبست ,ويهڻ لا ڪرسي ۽ ڪلاس ۾ روشني ۽ صاف هوا پهچائڻ لا پارٽنر سيف طرفان ڪانٽريڪٽ ۾ شرط طئي ڪيا ويا هن ۽ هو ئي ان کي فراهم ڪرڻ جو ذميوار آهي ۔

اسان جو ڪردار رهنمائي وارو آهي ان چيو ته ماحول معياري تعليم ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آ۔سيف سکر ريجنل ڪانفرنس ۾ سکر ريجن جي ريجنل هيڊ مقبول لغاري آيل پارٽنرن جي آجيان ڪئي ۽ سکر ريجن جي اسڪولن جي سراسري ڪارڪردگي ۽ ڊيٽا ٻڌايو۔ڪانفرنس ۾ پارٽنرن کان علاوه خيرپور جي ڊسٽرڪٽ هيڊ مير اسد ٽالپر ,گهوٽڪي جي ڊسٽرڪٽ هيڊ فرحان انصاري  سميت سکر ڊويزن جي سيف جي اسٽاف به ان پروگرام کي بهتر بنائڻ ۾ پنهجو ڪردار ادا ڪيو۔

جُون 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو