جده ۾ قومي يڪجهتي فورم جي سربراهه سردار اقبال پاران حجاج جي اعزاز ۾ تقريب، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن جي شرڪت

Spread the love

سکر(بيورورپورٽ)  جده قومي يڪجهتي فورم جي سربراه ۽ ڪشمير ڪميٽي جي سينيئر ميمبر سردار محمد اقبال جي جده ۾ الله تعاليٰ جي مهمانن مان ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ خاص طور تي مشهور سماجي ڪاروبار ۽ سياسي پارٽي جي سعودي عرب ۾ موجود ماڻھن شرڪت ڪئي.

 ساحلي شهر جده جي هڪ هوٽل ۾ سردار اقبال پاران ڏنل دعوت ۾ چوڌري محمد سعيد اڳوڻو وزير  آزاد ڪشمير ۽ ڪرنل قاضي تسڪين شريڪ هئا هئا .

تقريب کان خطاب ڪندي عقيل آرائين مسلم ليگ نون جي جنرل سيڪريٽري ملڪ منظور، راجه شمروز ۽ انجينيئر سجاد خطاب ڪندي معزز شخصيتن کي حج تي دلي مبارڪباد ڏنيندي چيو ته الله سائين اوهان جي عبادتن کي قبول ڪري .

مهمان خاص ڪرنل قاضي تسڪين خطاب ڪندي سردار اقبال جو دل جي گهراين سان ٿورا مڃيندي چيو ته سعودي حڪومت جي اعليٰ انتظامن تي حجاج ڪرام کي سهولتون مليون۔

ان موقعي تي اڳوڻي وزيرآزاد قريشي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان مسلم ليگ نون جا اڳواڻ پاڪستان جي ترقي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهن.ان موقعي تي شهباز شريف ۽ سپهه سالار عاصم منير جي اڳواڻي ۾ پاڪستاني فوج ۽ عوام سيسه پلائي جي ديوار بڻجي دشمنن جي اڳيان بيٺل آھي-

 تقريب جي ميزبان سردار اقبال پنهنجي خطاب ۾ سمورن معززين حجاج کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته پاڪستان جي ترقيءَ لاءِ سمورن سياسي پارٽين کي ملي ڪري ڪم ڪرڻ گھرجي آخر ۾ مفتي عمران بشير پاڪستان ۽ سعود عرب جي خوشحالي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون۔

جُون 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو