سکر ۾ کلي ڪچهري، شهرين جا پوليس خلاف شڪايتن جا انڀار — ميئر ارسلان شيخ ۽ ايس ايس پي اظھر مغل جا جواب

Spread the love

سکر(رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ بيريسٽر ميئر ارسلان اسلام شيخ ۽ ايس ايس پي سکر اظھر خان مغل  ڊي ايس پي سٽي بدر ڀٽو جن جي نيو پنڊ ٿاڻي ڀرسان پارڪ ۾ عوامي کلي ڪچهري ڪوٺائي وئي جنهن ۾ ڊپٽي ميئر سکر ڊاڪٽر ارشد مغل، مرتضا گهانگهرو، يوسي چيئرمين سميع پيرزادو ،

شفيق پيرزادو ،سميت ڪيترن ئي شرڪت ڪئي ان موقعي تي کلي ڪچهري ۾ نيو پنڊ جي رهواسين پوليس خلاف شڪايتن جا ابڀار لڳائي ڇڏيا کلي ڪچهري ۾ ماڻهن شڪايتون ڪندي چيو ته سکر پوليس جي ڪارگردگي بهتر ناهي هر آئي ڏينهن ڦر،

 چوري ،اغوا جون واداتون ٿيڻ پيون پوليس شهرين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي شهر پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ ٿا شهرين جو چوڻ هو ته هر شهري خوف ۾ ورتل آهي

 گهر ٻاهريان موٽر سائيڪل چوري ٿي وڃن ٿيون قريشي ڳوٺ جي کوسا برادري کلي ڪچهري ۾ چيو ته ڏينهن ڏٺي جو ڪچي جا ڏوهاري قريشي ڳوٺ ۾ چوڪ تي جتوئي برادري جا هٿيار بند فائرنگ ڪري ڏاڪڻ تي ويٺل چئن نوجوانن کي قتل ڪري ويا انهن قاتلن کي پوليس گرفتار ناهي ڪري سگهي اسان کي پوليس انصاف فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي

 کلي ڪچهري دوران ماڻهن شڪايتن جا انڀار لڳائي ڇڏيا جنهن دوران بدنزمي پيدا ٿي وئي بيريسٽر ميئر ارسلان اسلام شيخ کلي ڪچهري ۾ عوام جي شڪايتن جي ڪوريج  ڪرڻ  تي ميڊيا کي  روڪي ڇڏيو ان موقعي بيريسٽر ارسلان اسلام شيخ کلي ڪچهري کي خطاب ڪندي چيو ته شهرين کي ضلعي انتظاميا سهولتون فراهم ڪري رهي آهي شهر اندر ترقياتي ڪم جاري آهن نيو پنڊ هيڊ برج جو جلد ڪم ڪرايو ويندو هن چيو ته گڏاڻي ڦاٽڪ وٽ هيڊ برج ڪروڙن رپين جي لاڳت سان ٺاهي پئي وڃي جلد ان جو بنياد رکيو ويندو ۽ روڊ کي ون وي ڪري ويڪرو ڪيو پيو وڃي هن چيو شهرين کي سڀ سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي

 ايس ايس پي سکر  اظھرخان مغل چيو ته امن امان جي صورتحال ايتري خراب ناهي جيتري اوهان واويلا ڪري رهيا آهيون موٽر سائيڪل چوري جون وارداتون اڳ کان گهٽ آهي جيڪڏهن ڪنهن جي موٽر سائيڪل چوري يا ڦر ٿي وڃي ته مون ڏي اچڻ بدران اهي لاڳاپيل ٿاڻي تي ايف آء آر داخل ڪرائڻ مون ڏي موٽرسائيڪل ڀري ڏيڻ جو آسرو گهٽ ڪن ته بهتر آهي

جُون 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو