واشنگٽن ۾ پي ٽي آءِ جو احتجاج ناڪام ٿي ويو

پشاور(ويب ديسڪ)واشنگٽن ۾ آرمي چيف جي پھچڻ تي پي ٽي آئي پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو شھباز گل دعويٰ ڪئي تھ ان مظاھري ۾ چار کان پنج ھزار ماڻھو شريڪ ٿيا مخالف چون ٿا پندرھن ويھھ ماڻھو ھئا،اسان جي ذريعن مطابق ان مظاھري ۾ 160 يا 170 ماڻھو شريڪ ٿيا،
ڪينيڊا مان مظاھري ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پنج خاندان پھتا، نيويارڪ،ورجينيا سميت ٻين رياستن مان ماڻھو پھتا.مظاھري ۾ سرگرم يوٽيوبرز ۽ عھديدار شريڪ نھ ٿيا شھباز گل ان ۾ تقرير ڪئي.مظاھري لاءِ پيسا گڏ ڪيا ويا شھباز گل ڪنھن ٻئي کي اڳتي اچڻ ئي نھ ڏنو.
مظاھري ۾ شريڪ چار پنج ماڻھن چيو تھ اسان مظاھري لاءِ فنڊنگ ڪئي ھئي.پر مظاھرو ناڪام ٿي ويو.ٻيو معاملو ايران جوآھي جيڪو وڏي عرصي کان اڪيلائي جوشڪار ۽ پاڙيسرين سان بھ ان جا رابطا بھترنھ ھئا، فرقي واريت جي پويان بھ ھيو. پر لڳي ٿو تھ ھاڻي اھو تبديل ٿي لبرل ٿي رھيوآهي.
پيوٽن فرانس جي بيان تي چيو تھ ڪوئي ٻيو ملڪ ميدان ۾ لٿو تھ روس بھ ايران طرفان سامھون ايندو.سو روس ۽ چين ايران جي پٺڀرائي ڪري رھيا آھن.ايران جيڪو اڳ نويڪلائي جوشڪار آھي ھاڻي اھو ناھي رھيو.ايران اسرائيل جا چار جھاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪري رھيوآھي.
جن ۾ ٻھ ايف 35 جديد ترين آمريڪي جھاز بھ شامل آهن.جنھن مان لڳي ٿو تھ اولهه جي ھٿيارن تي اجارھ داري ختم ٿي رھي آھي ان کان اڳ رافيل بھ ڪري چڪا آھن.ٽيڪنالاجي ۾ چين جي برتري پڌري ٿي وئي آھي.سو چين اگر کلي سامھون آيو تھ پاڪستان بھ کلي سامھون اچي ويندو گڏوگڏ ٻيا ملڪ بھ سامھون ايندا.
اھوئي خوف آمريڪا ۽ اولهه کي بھ آھي.اسرائيلي ٽيڪنالاجي بھ اھڙي ناھي جيڪو ڀرم ڏيکاريو پئي ويو.جنگ ڊگھي ٿي تھ ٻيون قوتون بھ ميدان تي لھي اينديون.
جُون 16, 2025