”حڪومت ايف بي آر کي گرفتارين جو اختيار ڏئي ڇڏيو“

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل انڪشاف ڪيو آهي ته حڪومت ايف بي آر کي گرفتارين جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي،
جيڪو اڳي ان وٽ نه هو. هن چيو ته ايف بي آر پنهنجن نوٽيسن تي به هڪ سيڪڙو وصولي نٿو ڪري سگهي، ان تي هاڻ کين گرفتاري جو اختيار ملي ويو آهي.
ٽي وي پروگرام دوران ڳالهائيندي، صنعتڪار محمد علي ٽبا ۽ عارف حبيب به شرڪت ڪئي. ٽبا چيو ته ايڪسپورٽ وڌائڻ لاءِ مائنڊ سيٽ تبديل ڪرڻ ضروري آهي،
موجوده بجيٽ ۾ برآمدات لاءِ ڪا خاص رٿابندي نظر نٿي اچي. عارف حبيب چيو ته ملڪ ۾ نئين سيڙپڪاري جي گنجائش ناهي، جيڪڏهن اختيار هجن ها ته ٽيڪس معاملن لاءِ ٽن سالن جو پلان ڏيون ها.
جُون 16, 2025