پاڪستان اسرائيل تي ايٽمي حملي جي ڌمڪي ناهي ڏني:پرڏيهي وزارت جا ذريعا

اسلام آباد (ابصار عالم+عوامي آواز نيوز) سفارتي ذريعن ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ بابت پاڪستان سان واڳيل سوشل ميڊيا تي جاري بيانن کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو. سفارتي ذريعن چيو ته ايران جي جهنڊي ۽ پاڪستاني جهنڊي سان گڏ جيڪو بيان وائرل ٿيو آهي،
اهو ڪوڙو آهي. پاڪستان جي طرفان ايران جي حمايت ۽ آمريڪا کي اسرائيل خلاف ردعمل بابت آگاهي ڏيڻ واري دعويٰ غلط آهي. سفارتي ذريعن وضاحت ڪئي ته جعلي بيان ۾ پاڪستاني فوج جي ايران سان گڏ جنگ ۾ شامل ٿيڻ جو ذڪر پڻ ڪوڙو ۽ حقيقت جي ابتڙ آهي.
حڪومت جي سطح تي اهڙي ڪنهن فيصلي يا موقف جو ڪو وجود ناهي ٻئي پاسي پاڪستان جي پرڏيهي ترجمان هڪ اهم بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته اسرائيل تي پاڪستان جي ايٽمي هٿيارن سان حملي جي خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي،اسرائيلي ميڊيا پاڪستان جي حوالي سان غلط بياني ۽ ڪوڙ تي ٻڌل خبرون هلائي رهي آهي،پاڪستان هڪ اهم ۽ ذميوار ايٽمي رياست آهي،ذريعن مطابق اها ڳالهه تڏهن شروع ٿي جڏهن هڪ ايراني ٽوئيٽر اڪائونٽ تي اهو چيو ويو ته پاڪستان آمريڪا کي اهو پيغام ڏنو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل ايران تي ايٽمي حملو ڪيو ته پاڪستان به اسرائيل تي ايٽمي حملو ڪري ڇڏيندو،
ان ٽوئيٽ کي اسرائيلي ميڊيا وائرل ڪيو،ٻئي پاسي هڪ اسرائيلي ميڊيا اداري آرڪي ٽائمز ۽ ايم فائيو درگي خبر هلائي آهي ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو اعلان ڪيو آهي ته اسرائيل پاڪستان تي به حملو ڪندو ڇو ته پاڪستان ايران ۽ اترڪوريا کي ايٽمي ٽيڪنالاجي فراهم ڪئي آهي،
انهن خبرن کي بنياد بڻائي ڀارتي سوشل ميڊيا تي اهو هُل مچايو پيو وڃي ته اسرائيل کي پاڪستان تي به حملو ڪرڻ گهرجي،جڏهن ته ايران اسرائيل جنگ ۾ بار بار پاڪستان جو ذڪر ٿيڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ڇو ته ايران کي جهڙي ريت پاڪستان سياسي،سفارتي طور ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ گهڻي حمايت ڪئي آهي،
حالانڪه پاڪ ڀارت جنگ دوران ايران ڀارت سان ڪيترائي واپاري معاهدا ڪيا پر سلامتي ڪائونسل ۾ ووٽنگ دوران اهو ايران جي حمايت ۾ سامهون نه آيو ۽ غيرحاضر ٿي ويو،
حالانڪه پاڪستان خلاف ويڙهه ۾ بي ايل اي جي دهشت گردن ۽ را جي ايجنٽن کي ايران ۾ پناهه ملندي رهي،ايران ۾ ويٺل موساد ۽ را جي ايجنٽن ذريعي ئي ايران جي فوجي ۽ ايٽمي سائنسدانن جي قيادت کي شهيد ڪرايو ويو،هندستاني ڳجهي ايجنسي ”را“ ايران ۾ ڊبل گيم کيڏي،
ان پاڪستان خلاف سازشون ڪيون بلڪه ايران ۾ ويهي موساد سان ڳٺ جوڙ ڪري ايراني قيادت کي شهيد ڪرائڻ ۾ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪيو،ايران اڄ تائين پاڪستان تي ڀارتي حملي جي مذمت ناهي ڪئي پر پاڪستان اسلامي ملڪ ۽ پاڙيسري ملڪ هئڻ جو پنهنجو حق ادا ڪري ڇڏيو.
جُون 16, 2025