ايران کان پوءِ سعودي ۽ پاڪستان جو به وارو اچي سگهي ٿو،مسلم دنيا کي عقل ئي ناهي:فضل الرحمان

حيدرآباد(رپورٽر) جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان کي ٻيهر اسلام آباد اچڻ تي مجبور نه ڪيو، توهان اڪثريت کي اقليت ۽ اقليت کي اڪثريت ۾ تبديل ڪري عوام جي ووٽ جي چوري ڪريو ٿا، جيڪڏهن فوج مارشلا هڻي اقتدار تي قبضو ڪريسگهي ٿي ته پوءِ عوام کي به اهو حق حاصل آهي ته هو اسلام آباد تي قبضو ڪري، ملڪ ۾ پاڻ کي حڪمران سڏرائيندڙ حڪمران ناهن،
الله حڪمرانن جي حالت ڪنهن گهر جي نوڪر جهڙي نه ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه حيدرآباد ڄامشورو روڊ تي “دفاع وطن، اسرائيل مرده، سنڌ امن ملين مارچ” جي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. مولانا فضل الرحمان چيو ته اڄ جو هي جلسو دنيا ۽ انسانيت کي پيغام آهي ته جي يو آءِ، امن ۽ حق سان گڏ بيٺي آهي، اسان جنگ جا حامي ناهيون، امن جا دائي آهيون. هن چيو ته سنڌ ۾ بدامني جي وڏي شڪايت آهي، امن ناهي ته تعليم، معيشيت، صحت جي شعبي ۾ ڪجهه ناهي. اسان کي سنڌ ۾ امن قائم ڪرڻو آهي،
سنڌ جي بااثر شخصيتن کي سڏائي انهن کان رهنمائي وٺڻي آهي. هن چيو ته اڄڪلهه ملڪ ۾ جيڪي پاڻ کي حڪمران سمجهن ٿا دراصل اهي حڪمران ناهن، ڌانڌلين سان ڪو حڪمران ناهي ٿي سگهندو. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ جي ڌانڌلين ۽ سياست ۾ مداخلت جي مخالفت ڪئي آهي ۽ ڪندا رهنداسين، اسان جو اسٽيبلشمنٽ بابت موقف واضع آهي. حق حڪمراني جو حق عوام جو آهي. توهان ملڪ جو دفاع ڪندا ته اسان جي سر جو تاج هوندا. هن چيو ته اسرائيل جون پاليسيون جارحاڻيون رهيون آهن، قائد اعظم محمد علي جناح اسرائيل کي برطانيا جو ناجائز اولاد قرار ڏنو هو. هن چيو ته اسان اقوام متحده جنجهوڙڻ چاهيون ٿا،
اقوام متحده بي معني قسم جو ادارو بڻجي چڪو آهي، اقوام متحده آمريڪا جي لونڊي بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته اسرائيل پاران فلسطيني قوم جي نسل ڪشي ڪرڻ جنگي ڏوهه ناهي، نيتن ياهو جنگي ڏوهي آهي. عالمي عدالت فيصلو ڏئي چڪي آهي، پر ڪو به ملڪ عالمي عدالت جي فيصلي تي عمل ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته مسلم دنيا ۽ ان جي حڪمرانن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اڄ ايران جو وارو آهي ته سڀاڻي سعودي عرب ۽ پاڪستان جو وارو اچي سگهي ٿو. هن چيو ته دنيا بدلجي رهي آهي، اسلامي دنيا 25 سالن کان نشاني تي آهي،
پر اسلامي دنيا کي ڪو عقل ناهي، هر ڪو پنهنجي ديڳڙي لڪائي رهيو آهي ته ان مان گوشت کائينداسين، پر کائڻ جو وقت ايندو ته نه گوشت هوندو نه ديڳڙي رهندي. هن چيو ته اڄ هن ملڪ ۾ عوام جي حڪومت ناهي، هنن حڪمرانن جي حالت ڪنهن گهر جي نوڪر جي به نه ٿئي. سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي حڪومت وڪرو ٿي آهي يا خريد ڪئي وئي آهي، پنجاب جو ته الله ئي خير ڪري.
هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ امن امان جي ڪا شي ناهي، حڪومت نظر نٿي اچي، بلوچستان ۾ حڪومت جي رٽ ناهي. هن چيو ته ڪنهن کي خبر ناهي ملڪ جي بجيٽ ڪنهن ٺاهي آهي. آءِ ايم ايف جي چوڻ تي بجيٽ ٺهي پئي اهو ئي سبب آهي ته ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ هٿياربند گروهن جي رٽ آهي، پر حڪومت جي ڪا رٽ ناهي رهي. 40 سالن کان توهان هٿياربند گروهن کي ڪنٽرول نه ڪري سگهيا آهيو. هن چيو ته اسان کي ٻيهر اسلام آباد وڃڻ تي مجبور نه ڪيو.
عوام جي ووٽ جي چوري ڪريو ٿا ۽ اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪريو ٿا. جيڪڏهن فوج کي مارشلا هڻي اقتدار تي قبضو جو حق آهي ته عوام کي به اسلام آباد تي قبضو ڪرڻ جو حق حاصل آهي. هن چيو ته عوام جون ٻين جماعتن مان اميد ختم ٿي وئي آهي، عوام جي يو آءِ ۾ اميد رکي ويٺل آهي. جي يو آءِ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته دفاع وطن، اسرائيل مرده باد ڪانفرنس منعقد ڪري آمريڪا ۽ اسرائيل کي ٻڌائي ڇڏيو ته پاڪستان جي ماڻهن جي دل فلسطين جي عوام سان گڏ ڌڙڪي ٿو،
اسرائيل اڳتي وڌي هاڻ ايران تي حملو ڪيو آهي، ايران جي فوجي قيادت، سائنسدانن ۽ شهرين کي اسرائيل شهيد ڪيو، ايران هٿيار ڦٽا ناهن ڪيا ۽ هو اسرائيل تي ڀرپور حملا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته آئون عرب دنيا کي چوڻ چاهيان ٿو ته توهان جا وڏا مجاهد هئا، جيڪي ڪافرن سان وڙهندا هئا، پر توهان بزدل ٿي ويا آهيو، حڪومتون وڃڻ ۽ موت کان ڊڄو ٿا. عرب دنيا ڇو پئي ڊڄي، عرب دنيا غيرت ڪري، اسرائيل جا پاڙيسري سڀ عرب آهن، پر پوءِ به اسرائيل مستيون ٿيو ڪري ۽ بمباري ڪري رهيو آهي، ايراني باغيرت قوم آهن،
چوندا هئا ته ايراني شيعا آهن، پر شيعا ته وڙهي رهيا آهن، پر توهان چپ ڪري ويٺا آهيو، توهان کي معصوم ٻارن ۽ عورتن جون رڙيون ٻڌڻ ۾ نٿيون اچن، چين ۽ روس غير مسلم ملڪ آهن، پر اهي ايران جي حمايت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عسڪري قوت کي چوڻ چاهيان ٿو ته ايران جي حمايت جو رڳو اعلان ڪافي ناهي، توهان ايران سان گڏ بيهو، ايران جو ان جنگ ۾ سندن ساٿ ڏيو، ايران کانپوءِ توهان جي واري به اچي سگهي ٿي. هن چيو ته ايران مولانا فضل الرحمان سان رابطو ڪيو ته اسان جا رضاڪار ايران سان گڏ بيهندا. هن چيو ته اسان پاڪستان جي وفاقي حڪومت کي صوبن جا حق کائڻ نه ڏينداسين.
وفاقي حڪومت منرلس بابت بل پاس ڪري رهي آهي، منرلس بل ان ڪري پاس ڪيو ويو آهي ته جيئن صوبن جي وسيلن تي وفاق ڌاڙو هڻي سگهي، صوبن جي تيل، گئس، ڪوئلي، زمين ۽ ٻيٽن تي وفاق قبضو ڪري، اسان ڪنهن جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين، سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي حقن تي وفاق ڌاڙو هڻي رهيو آهي. جي يو آءِ سنڌ جي اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو چيو ته سنڌ ۾ بدامني ڪرائيندڙ،
ٻيٽ ۽ وسيلا وڪرو ڪندڙ وفاقي حڪومت تي بجيٽ جي معاملي ۾ تنقيد ڪري رهيا آهن، پر جڏهن هنن سنڌ جي بجيٽ پيش ڪئي ته ملازمن جي صرف 12 سيڪڙو پگهار وڌائي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جو اگهه صرف 24 سئو روپيا مقرر ڪيو ويو، زميندار کي هڪ مڻ ڪڻڪ تي 4 سئو روپيا نقصان ٿيو، ڪڻڪ جي فصل تي اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي.
جُون 16, 2025