وڳڻ: سنّي رابطہ ڪونسل طرفان حضرت سيدنا عثمان غني رضي الله عنہ جي يومِ شھادت تي مدح صحابہ ريلي
وڳڻ (رپورٽر عاجز چانڊيو) سموري ملڪ وانگرسني رابطہ ڪونسل ضلع قمبرشھدادڪوٽ جي طرفان وگڻ ۾ يوم شھادت خليفہ ثالث مظلوم مدينہ حضرت سيدناعثمان غني ذوالنورين رضي اللہ عنہ جي موقعي تي 18 ذوالحج تي مدح صحابہ ريلي مدرسہ توحيد السلام ڳوٺ سچيڏنو چانڊيو کان ڪڍي وئي جنھن جي اڳواڻي ضلعي قائد حافظ محمداسحاق چنہ ، حافظ محمدنوازسولنگي حافظ غلام نبي چانڊيو، عبدالقيوم بليدي، ۽ ٻين ڪئي. ريلي ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻھن سميت جماعت جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ،
ريلي شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي مين چوڪ وڳڻ وٽ پھتي جتي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو تہ سيدناعثمان غني جي نڪاح ۾ نبي پاڪ صلي اللہ عليہ وسلم جو ٻہ نياڻيون ھڪ ٻئي جي پويان آيون اھڙي فضيلت ۽ شان پوري ڪائنات ۾ ٻئي ڪنھن جي نصيب ۾ نہ آيو ، ھڪ دفعي پاڻ صلي اللہ عليہ وسلم جن فرمايو ھر نبي جو جنت ۾ ھڪ رفيق ھوندو ۽ منھنجو رفيق عثمان ھوندو ، سيدناعثمان(رض) پنھنجي خلافت جي دور ۾ آل نبي ۽ اھلبيت نبي جي خوب خدمت ڪئي، پنھنجي ساري دولت نبي جي قدمن ۾ لٽائي ڇڏي يوم شھادت حضرت سيدناعثمان غني رضي اللہ عنہ تي عام موڪل ڪئي وڃي ۽ سرڪاري سطح تي پروگرام منعقد ڪياوڃن ٽي وي ۽ اخبار وغيرہ ۾ خصوصي ايڊيشن جاري ڪري امت جي رھبر کي خراج عقيدت پيش ڪيو وڃي ، مقررين خطاب ڪندي چيو تہ اسرائيل ھڪ دھشتگرد ملڪ بڻجي چڪو آھي جنھن کي مٽائڻ کان سواء دنيا ۾ امن تقريبا ناممڪن نظر پيو اچي مسلمان حڪمرانن کان مطالبو ڪيو تہ عالمي دھشتگرد اسرائيل ۽ امريڪا خلاف متحد ٿيڻ جو وقت اچي ويو آھي نہ تہ سواء پڇتاء جي ڪجھ بہ حاصل نہ ٿيندو،
جُون 15, 2025