سکر: محترمه رُخسانه شاهين منڱڻيجو جي اعزاز ۾ آل پرائيويٽ اسڪولز مينيجمينٽ ايسوسيئيشن پاران شاندار ڀيٽا تقريب، تعليمي خدمتن کي ڀرپور ساراهه
سکر( رپوٽ۔امداد گل ڪلوڙ ) محترمه رُخسانه شاهين منڱڙنجو جي اعزاز ۾ شاندار تقريب خبر موجبآل پرائيويٽ اسڪولز مينيجمينٽ ايسوسيئيشن (APSMA) سکر ڊويزن جي ميزباني هيٺ، هڪ شاندار ۽ جذباتي ڀيٽا واري تقريب منعقد ڪئي وئي،
جنهن ۾ محترمه رُخسانه شاهين اڳوڻي ڊائريڪٽر پرائيويٽ انسٽيٽيوشنز سکر، جي تعليمي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.تقريب ۾ خاص مهمان طور محترمه حميده جتوئي صاحبہ، موجوده ڊائريڪٽر پرائيويٽ انسٽيٽيوشنز سکر، شرڪت ڪئي. هن پنهنجي خطاب ۾ محترمه رُخسانه شاهين جي ايماندارانه ۽ متحرڪ قيادت جي واکاڻ ڪئي.
ان موقعي تي جناب جميل احمد شيخ، صدر APSMA پڻ خطاب ڪيو، ۽ تعليم جي ميدان ۾ محترمه رُخسانه شاهين جي لاڀائتي ڪوششن کي ساراهيو.تقريب دوران، اسڪولن جي سربراهن، استادن، ۽ ٻين معزز مهمانن پاران محترمه رُخسانه شاهين کي گلن جا هار پيش ڪيا ويا ۽ سهڻا لمحا ڪئميرا ۾ قيد ڪيا ويا.APSMA سکر ڊويزن پاران سندن تعليمي خدمتن تي شڪريو ادا ڪيو ويو ۽ مستقبل لاءِ نيڪ تمنائون پيش ڪيون ويون.
جُون 15, 2025