سکر: باگڙجي جي ڪچي ۾ پوليس جو وڏو آپريشن، ڏوهارين جا ٺڪاڻا ساڙيا ويا، علائقي تي مڪمل ڪنٽرول قائم

Spread the love

سکر(  رپورٽ۔امداد گل ڪلوڙ )سکر پوليس پاران باگڙجي جي ڪچي ۾ وڏو آپريشن، ڏوهارين جي ڪيترين ئي ٺڪاڻن کي ساڙيو ويوخبر موجب سکر ضلعي جي باگڙجي واري ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف وڏي پيماني تي پوليس آپريشن ڪيو ويو،

جيڪو ايس ايس پي سکر اظهر خان جي هدايتن تي عمل ۾ آندو ويو. پوليس جي وڏي نفري جديد هٿيارن ۽ بڪتر بند گاڏين سان گڏ آپريشن ۾ حصو ورتو.آپريشن دوران پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن بعد پوليس ڪارروائي ڪندي ڏوهارين جي ڪيترين ئي ٺڪاڻن کي مسمار ڪري ساڙي ڇڏيو.

پوليس جو علائقي تي مڪمل ڪنٽرول قائم ٿي ويو آھي.ايس ايس پي سکر اظهر خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪچي جي علائقي کي ڏوهارين کان پاڪ ڪرڻ تائين آپريشن جاري رهندو. پوليس جا حوصلا بلند آھن ۽ فورس هر قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آھي.ايس ايس پي اظهر خان ڏوهارين کي خبردار ڪندي چيو آھي ته جيڪڏهن ڏوهاري هٿيار ڦٽو ڪري،

ڏوهن جي دنيا ڇڏي عام شهري بڻجڻ چاھين ته قانوني طور سندن مدد ڪئي ويندي، پر هٿيار ڦٽو ڪرڻ کانسواءِ سندن لاءِ ٻي ڪا به راه نه بچي آھي.علائقي واسين پاران پوليس جي ان دليراڻي ڪارروائي کي ساراهيو ويو آھي ۽ اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته اها ڪاروائي ڏوهن جي خاتمي لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي.

جُون 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو