سکر: مختيار گھمرو جي 16هين ورسي جي مناسبت سان ادبي ڪانفرنس، شاعرن ۽ اديبن جي سياسي ڪردار تي زور، اهم ٺهراءُ منظور
سکر (رپورٽ۔امداد گل ڪلوڙ)جاگرتا فورم سکر ۽ مختيار گھمرو يادگار ڪاميٽي جي زيـر اهتمام سنڌ جي ناليواري شاعر ۽ اديب مختيار گھمرو جي 16هين ورسي جي مناسبت سان سکر پريس ڪلب جي آڊيٽوريم هال ۾ هڪ ادبي ڪانفرنس منعقد ڪئي ويئي،
جنهن ۾ صدر جاگرتا فورم غلام رسول گھمري خاص مھمانن اياز گل۔ادل سومرو۔ پروفيسر سرور سيف دانشور ممتاز منگيء۔ارشاد پيرزادو ۽ ٻين شيڪت ڪئي ادبي ڪانفرنس جو موضوع هو: “موجوده دور ۾ اديب، شاعر جو سياسي ڪردار۔ادبي ڪانفرنس ۾ سنڌ جي ناليوارن شاعرن، اديبن، محققن، تحقيقدانن، سول سوسائٽي جي نمائندن سميت جاگرتا فورم سکر ۽ مختيار گھمرو يادگار ڪاميٽي جي عهديدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ تقريب دوران مختيار گھمرو کي سندن 16هين ورسي جي موقعي تي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو ويو ۽ سندن ادبي،
سماجي خدمتن کي ساراهيو ويو۔ڪانفرنس دوران خطاب ڪندي شرڪاء جو چوڻ هو ته موجوده دور ۾ صرف شاعرن ۽ اديبن کان ئي اميد آهي، ڇو ته پاڪستاني ادب جي تاريخ ۾ هميشه اهڙو حلقو رهيو آهي، جنهن عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ، جهموري قدرن جي تحفظ کي پنهنجي فن جو حصو بڻايو آهي۔مقررن چيو ته شاعر ۽ اديب بابت چيو ويندو آهي ته هو پاڻ کي پنهنجي دور جي روح کان الڳ نٿو رکي سگهي۔
جڏهن عالمي تاريخ تي نظر وجهجي ته اها ڳالهه واضح ٿي سامهون اچي ٿي ته ڪنهن به دور ۾ شاعر ۽ اديب سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن کان بي خبر نه رهيا، بلڪه جڏهن به قومن تي ڏکيو وقت آيو، ته شاعرن ۽ اديبن جو ڪردار تمام سرگرم ۽ نمايان رهيو آهي۔ ان موقعي تي ارشاد پيرزادي۔ صادق گھمري۔ منظور منگي۔ حڪيم زنگيجي۔ انور ڏنڳڙائي ذوالفقار گھمري۔ شيخ ارشاد۔ بادل ملڪ۔
ديوان اميد مل۔ ڊاڪٽر مھر خادم ۽ ٻين پڻ مختار گھمري جي شخصير شاعري سياست ۾ اديب ۽ شاعر جي موضوع تي پنھنجن خيالن جو اظھار ڪيو ـ ان موقعي تي ٺھراء پاس ڪيا ويا ته موري ۾ شھيدن جا ڪيس ھلائي وارثن کي انصاف فراھم ڪيو وڃي ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالز واريون رٿائون مڪمل ريت رد ڪري ڪمپني سرڪار کي ڏنل زمينون واپس ڪرائي بي زمين ۽ غريب ھارين ۾ ورھايون وڃن ـ سنڌ اندر ڦھليل بدامني تي ترت ضابطو آندو وڃي ۽ اسرائيل طرفان ايران مٿان ڪيل حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي ـ ڪانفرنس جي ڪاروائي جاگرتا فورم جي سيڪريٽري يامين ميراڻي ھلائي ـ
جُون 15, 2025