ڪهڙن ماڻهن جون موبائل سِمون 30 جون کان بند ٿي وينديون؟ اهم خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪهڙن ماڻهن جون موبائل فون سمون 30 جون کان بند ڪيون وينديون؟ ان حوالي سان نادرا اهم بيان جاري ڪري ڇڏيو.
فيس بُڪ تي نادرا بيان جاري ڪندي نادرا چيو آهي ته اهڙا سمورا سڃاڻپ ڪارڊ، جن جو مدو 2017 ۾ ختم ٿي چڪو آهي، انهن تي جاري ڪيل موبائل سمون 30 جون 2025 تي بند ڪيون وينديون.
اهڙي ريت اهڙا سمورا سڃاڻپ ڪارڊ، جن جو مدو 2018 ۾ ختم ٿي چڪو آهي، انهن تي جاري ڪيل سمون 31 جولاءِ 2025 تي بند ڪيون وينديون.
نادرا جو چوڻ آهي ته ويجهي نادرا آفيس پهچو يا پاڪ آءِ ڊي موبائل ايپ ذريعي سڃاڻپ ڪارڊ جي فوري طور تجديد ڪرايو.