دادو:سنڌ جي نياڻي ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي، جوابدار ايم پي ايز عدالت ۾ پيش
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) سنڌ جي نياڻي ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ دادو ۾ ٿي،
جتي فريادي ڌر پرويز چانڊيو، ام رباب چانڊيو پنهنجي وڪيل صلاح الدين پنهور ۽ سان گڏ عدالت پهتي. پ پ پ سان واسطو رکندڙ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو ۽ ايم پي اي برهان خان چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته گرفتار جوابدار ذوالفقار، علي گوهر، مرتضٰي ۽ سڪندر چانڊيو کي حيدرآباد جيل پوليس پاران عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 28 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته ڊي ايس پي حيدرآباد محمد ايوب جو بيان عدالت ۾ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جنهن بابت عدالت کيس هدايت ڏني آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي اصل دستاويز عدالت ۾ پيش ڪيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته، “گذريل 8 سالن کان انصاف لاءِ عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهي آهيان، هاڻي ڀوتار بوکلائجي ويا آهن مون کي اميد آهي ته عدالت هاڻ انصاف فراهم ڪندي. سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا.
جُون 14, 2025