دادو ۾ نهن ۽ ان جي ڀائرن جي ظلمن خلاف بيواھ عورت دادو پريس ڪلب پهتي، جان جو خطرو، ايس ايس پي کي تحفظ جي اپيل
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو جي شهباز ڪالوني جي رهواسي بيواھ عورت ظهران سولنگي پنهنجي ڌيءَ ۽ پٽن سميت دادو پريس ڪلب پهچي، پنهنجي نهن نجمہ سولنگي ۽ ان جي ڀائرن جي مبينا ظلمن خلاف ميڊيا آڏو دانهيون ظهران سولنگي صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سندس مرحوم پٽ رياض ولد منظور سولنگي جي وفات کي 6 سال گذري ويا آهن، ان جي گهر واري منهنجي نهن نجمہ جيڪا هڪ نياڻي جي ماءُ به آهي،
هاڻ پنهنجي ڀائرن سان گڏجي جڳھ جي لکت وٺڻ لاءِ اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهي آهي بيواھ عورت الزام لڳائيندي چيو ته جڳھ منهنجي مڙس جي ملڪيت هئي، جيڪا منهنجي نالي تي آهي، اسان نهن کي صرف ان ڪري رهائش ڏني ته هوءَ اسان جي مرحوم پٽ جي نياڻي جي ماءُ آهي، پر هاڻ هوءَ ٻي شادي ڪرڻ چاهي ٿي،
جنهن سبب اسان جي پوٽي کي بي گهر ٿيڻ جو خطرو آهي. ظهران سولنگي چيو ته نجمہ پنهنجي ڀائرن ڪليم الله ولد نصرالله سولنگي، ڪامران سولنگي ۽ فرحان سولنگي سان گڏجي هٿيارن جي زور تي هر روز گهر خالي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهي آهي. هن ٻڌايو ته اهي اڳ ۾ ئي ڏوهاري ماڻهو آهن،
ڪليم الله تي اڳ ئي ڏوهن جا ڪيس داخل ٿيل آهن، جنهن باوجود پوليس کين ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي. ظهران سولنگي، سندس ڌيءَ اسماء سولنگي ۽ پٽن نياز سولنگي ۽ محمد ايوب ميڊيا معرفت ايس ايس پي دادو ڪئپٽن امير سعود مگسي کان اپيل ڪئي ته اسان کي نجمہ ۽ سندس ڀائرن کان جاني خطرو آهي، مهرباني ڪري نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي،
جُون 14, 2025