وڳڻ ويجھو ڦر جي واردات، هٿياربند نوجوان کان موٽرسائيڪل، رقم ۽ فون ڦري فرار، شھرين ۾ بيچيني
وڳڻ (رپورٽ: عاجز چانڊيو ) وڳڻ ۾ ڏوھي وارڌاتن ۾ اضافو ڏينهن ڏٺي شھري ڦرجڻ لڳا ھٿيارن جي زور تي نوجوان کان ڦورو موٽرسائيڪل ڪيش رقم موبائل فون ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا
تفصيل موجب وڳڻ ويجھو ڳوٺ ڦال موري وٽان وڳڻ ٿاڻي جي حد ۾ لعلورائنڪ ويندي ڳوٺ احسان جتوئي واسي پورھيت جو اڳ جھلي سندس کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل ڪيش رقم موبائل فون ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا،
متاثر جو صحافين اڳيان احتجاج ٻئي طرف ڏينهن ڏٺي جو چوري ۽ ڦر واقعن ۾ اضافو اچڻ ڪري شھرين ۾ خوف حراس بيچيني پکڙجي وئي، آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو نوٽيس وٺي امن امان بحال ڪرائي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو،
جُون 14, 2025