اڳوڻي چيف سيڪريٽري ڪي بي رند جي ٽيجهي تي مرحبا هال ۾ قرآن خواني، فاتحه ۽ عذرخواهي تقريبون، شخصيتن جي وڏي انگ ۾ شرڪت

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) سنڌ ۽ بلوچستان جي اڳوڻي چيف سيڪريٽري مرحوم ڪي بي رند جو ٽيجهو مذهبي روايتن موجب مرحبا هال ۾ منعقد ڪيو ويو جتي قرآن خواني ۽ فاتحه خواني جو اهتمام ڪيو ويو جتي دعوت سلامي پاران مرحوم جي ايثال ثواب لاءِ 137 قرآن پاڪ جا ختم شريف پيش ڪيا ويا

ٽيجهي جي رسمن ۾ ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد عبدالصمد نظاماڻي ، درگاھ سخي ڄام ڏارار جو سجاده نشين فقير نويد وستڙو ، غلام شبير زرداري ، حاجي عظيم مغل ،  ميان عمران علي انڙ ، احسان علي شاھ ، علي شير انڙ  ،  سميت ڪئي شخصيتون شريڪ ٿيون ان موقعي تي سيد نور محمد شاھ جيلاني اجتماعي دعا گهرائي جنهن بعد خيرات جو اهتمام ڪيو ويو جڏھن ته مرحوم جي وارثن سان عذرخواهي جو سلسلو پڻ جاري آهي

 عذرخواهي ڪندڙن ۾ حليم عادل شيخ ، سول جج  نثار چانڊيو ، آفاق احمد ، ايڊووڪيٽ قادر شر ، مخدوم فضل حسين ، مخدوم محسن ،  سردار  ڄام فيروز انڙ ، حاجي منظور احمد راھو ، جاويد احمد راھو ،  نظير احمد راھو ، عبدالجبار راھو ، سيد علي شاھ ، شبير احمد مگسي ، ميھار خان مگسي ،   سرفراز  احمد راھو ، حاجي عبدالغني ميمڻ ، سردار  مشتاق  احمد راھو ، فقير عاشق حسين گورچاڻي ، عاشق حسين زرداري ، سيد اصف شاھ جيلاني ،  الطاف حسين  راھو ، عباس احمد رند  ، علي شير لاکو ،  نور احمد لاکو ، سيد محمد منير شاھ ، محسن زرداري ، نور نواز زرداري ، شيرار علي انڙ ، مير نادر خان ابڙو ، مير محمد ڪيريو غلام حيدر سولنگي محمد صديق منڱيو ولي محمد ڀٽي راج ڪماراوڏ رضا محمد سيال ، ذبير قادري ملاح ۽ ٻيا شامل هئا ٻئي پاسي ٽيجهي جي رسمن کان اڳ  مرحوم ڪي بي رند جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري وئي چادر چاڙھڻ دوران گل محمد رند ، علي اصغر رند ، سڪندر حيات رند ، ايڊووڪيٽ عمران اڪبر رند ، حسام رند ، نبي بخش رند موجود هئا.

جُون 14, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو