ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي ياد ۾ سنڌ ڪلچرل فورم پاران سڪرنڊ ويجهو ڀيٽا تقريب

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ (سنڌ ڪلچرل فورم پاران سنڌ جي مزاحمتي ۽ رومانوي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي ياد ۾ سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ پنهون خان زئونر ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي.

کيس شاعري ۽ لفظن ذريعي ڀيٽا پيش ڪئي ڪئي. تقريب کي شاعر سائل پيرزادي چيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري 80 ۽ 90 جي ڏھاڪي جو وڏو ڪردار هو. ان دور ۾ سنڌ سورن ۽ تڪليفن ۾ وڪوڙيل هئي ۽ ڊاڪٽر آڪاش پنهنجي شاعريءَ ۾ مزاحمتي آواز کي ائين اڀاريو جو سنڌ سجاڳ ٿي پئي. هن چيو ته شاعري درد جي تاريخ آهي. شاعري قومن جي درد ڪٿا هوندي آهي ۽ آڪاش جي شاعري ان تاريخ جو تسلسل آهي.

هن چيو ته ڀٽائيءَ جي شاعري مزاحمتي ۽ انقلابي شاعري آهي ۽ اها شاعري ختم ٿي نٿي سگهي. ان روشنيءَ جهڙي شاعريءَ کي آڪاش جهڙا انقلابي شاعر ئي پنهنجي نرالي انداز سان ڳائيندا اچن پيا. هن چيو ته آڪاش جي شاعري سنڌ جي آجپي جي گسن تي هلڻ لاءِ رهبر بڻجي سگهي ٿي. هن چيو ته بجاراڻي لغارين جي ڳوٺ جي نوجوانن سميت ننڍڙن ٻارڙن کي به لطيف ياد آهي ۽ جيڪي لطيف جا پاڙھو هجن اهي دهشتگرد نٿا ٿي سگهن. اڄ اسان جي قومي اڳواڻن انهن کي اڪيلو ڇڏي ڏنو آهي. ياد رکو ته تاريخ توهان کي ڪڏھن به معاف نه ڪندي.

 سنڌ ڪلچرل فورم جي ضلعي اڳواڻ سارنگ ملاح چيو ته اسان جي روايت رهي آهي ته سنڌ جي عظيم ڪردارن کي ياد ڪري سندن لاءِ تقريبون ڪوٺايون. هو انقلابي شاعر هو. جسقم نوابشاهه جي آرگنائيزر مسعود شاهه چيو ته آڪاش انصاري سنڌ لاءِ سوچيندو ۽ لوچيندو رهيو. نوجوانن کي شاعري ذريعي سنڌ سان جوڙي رکيو. زرعي ماهر ظفر علي کوکر چيو ته سندس شاعري محبت ۽ امن جو پيغام ڏيندي هئي. شاعر قلندر بخش ملاح چيو ته پاڻ هٿيار بجاءِ قلم ذريعي انقلاب آڻڻ جي تلقين ڪندا هئا.

غلام مصطفيٰ زئونر چيو ته آڪاش انصاري گيتن ذريعي سنڌ جي نوجوانن کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي. تاريخ ۾ سندس پورهيو ياد رکيو ويندو. مورڙيو ميربحر چيو ته هن شاعري ذريعي سنڌ جي ڏکن ۽ پيڙائن جي ڳالهه ڪئي. تقريب ۾ نياز لاشاري، مير محمد ڪيريو، صحافي قربان عمراڻي،امين چانڊيو، جمن زئونر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

جُون 14, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو