ڀارت جي پاڪستان کي فيٽف جي گري لسٽ ۾ شامل ڪرائڻ جي ڪوشش ناڪام

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي پاڪستان کي فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (فيٽف) جي گري لسٽ ۾ شامل ڪرائڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي.
ذريعن موجب فيٽف اجلاس ۾ پاڪستان کي گري لسٽ ۾ رکڻ بدران رپورٽنگ ۾ رکڻ جو فيلصو ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت جي سفارتي وفد پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، چين اجلاس ۾ پاڪستان جي حق ۾ واضح موقف اختيار ڪيو ۽ رليف جي حمايت ڪئي.
فيٽف اجلاس ۾ ترڪي ۽ جاپان طرفان به پاڪستان جي مڪمل حمايت ڪئي وئي.