ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ جي صدارت ھيٺ اجلاس ٿي گذريو

Spread the love

سانگهڙ (رپورٽ: شاهنواز رونجهو) ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ڊاڪٽر محمد اسحاق گاد پاران ضلع سانگهڙ ۾ قائم ڪپهه جي فيڪٽرين پاران آبادگارن کي گهٽ اگهه ڏيڻ جي شڪايتن بعد ڊپٽي ڪمشنر پاران آبادگارن ۽ فيڪٽري مالڪان جي گڏجاڻي ڪوٺائي ويئي

 جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر پاران فيڪٽري مالڪان کان آبادگارن کي ڦٽي جي گهٽ اگهه ڏيڻ بابت پڇاڻو ڪيو ۽ انهن کي وزن جي ڪٽوتي نه ڪرڻ جي هدايتن ڪئي ۽ تمام اسسٽنٽ ڪمشنر کي هدايت ڪئي هو فيڪٽرين جا دوره ڪري رپورٽ پيش ڪن.

 ٻني ڌرين جي باهمي صلاح بعد فيصلو ڪيو ويو ته عيد کانپوءِ ٻني ڌرين جي نمائندن سان گڏجاڻي ڪري آبادگارن جي شڪايتن جو ازالو ڪيو ويندو. انهي موقعي تي آبادگار اڳواڻ مراد علي نظاماڻي سميت فيڪٽري مالڪ پڻ موجود هئا.

جُون 28, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو