بهليل شاھ ويجهو چانڊيا ۽ برهماڻي خوني تڪرار نبري نه سگهيو ڌريون مورچابند وڌيڪ جاني نقصان جو خدشو،

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) واھي پانڌي لڳ بهليل شاھ ويجهو چانڊيا ۽ برهماڻي برادرين وچ ۾ ھلندڙ تڪرار نبري نه سگهيو، ڌريون مورچا بند ٿي ويون

وڌيڪ جاني نقصان جو خدشو, برهماڻي برادري جي گهرن کي ڊاهي قيمتي سامان ڪڻڪ، سرنهن ٻج لوهي گاڊر کڻي وڃڻ خلاف ميڊيا آڏو قادر بخش برهماڻي الزام ھڻدي چيو ته  چانڊيا برادري جي ماڻهن رياض چانڊيو، فيض چانڊيو، بچل چانڊيو، ارباب چانڊيو اسان جي 15 گهرن کي ڊاهي قيمتي سامان کڻي ويا آهن،

گهرن ۾ پيل  ڪڻڪ، سرنهن، لوهي ٽيئر، گاڊر کڻي ويا آهن قادر بخش برهماڻي ۽ ٻين وڌيڪ چيو ته  مسجد جي دروازي کي هٿوڙن سان شهيد ڪري نقصان پهچايو آهي،

هنن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي حيدرآباد ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته معاملي جي جاچ ڪري اسان جي گهرن کي باهيون ڏئي ساڙيندڙ توڙي ڀنڃ ڊاھ ڪندڙ خلاف ڪيس داخل ڪري جوبدار کي گرفتار ڪيو وڃي , ياد رھي انھي تڪرار دوران چانڊيا ڌر جو ھڪ ڄڻو مارجي چڪو آھي بروقت قانوني ڪاروائي نه ڪئي وئي ته وڌيڪ جانيون ضايع ٿيڻ جو خدشو آھي،

جُون 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو