وفاقي بجيٽ پورهيتن ۽ هيٺين طبقي لاءِ ناهي، پيپلز پارٽي پاران سخت احتجاج جو اعلان: فرحين مغل

Spread the love

سکر(رپورٽ:امداد گ ڪلوڙ) پ پ ليڊيز ونگ سنڌ جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي سي فرحين مغل ھڪ بيان ۾ چيو آھي ته موجودھ وفاقي بجيٽ مڊل ۽ لورڊل ڪلاس جي ماڻھن جو بجيٽ ناھي ـ

پ پ اھڙي بجيٽ جي سخت مخالف آھي ڇاڪاڻ ته ان ۾ پورھيتن ۽ ھيٺين طبقي جي ماڻھن بابت ڪجھ ناھي رکيو ويو ـ اسان انھيء بجيٽ خلاف سخت احتجاج ڪيون ٿا ۽ ان لاء پارٽي احتجاجي تحريڪ ھلائيندي ـ ھن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام جي مسئلن کي پٺي ڏئي ڪھڙو بجيٽ ٺاھيو ويو آھي ـ

 سنڌ سرڪار عوام دوست ۽ پورھيت دوست بجيٽ سامھون آڻيندي ـ انھيء لاء تياريون فائنل مرحلن ۾ آھن ـ وڌندڙ مھانگايثي ۽ بيروزگاري اسانجو سڀ کان وڏو مسئلو آھي وفاقي سرڪار ان طرف توجھ نٿي ڏئي ـ

جُون 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو