ڄامشورو ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهرين جو احتجاج، نوجوان کان ڦر کانپوءِ پوليس جي خاموشي تي سخت ردعمل

Spread the love

ڄامشورو (رپورٽ: محمد وارث) ڄامشورو بدامني جي باھ برقرار ڄامشورو اي سيڪشن ٿاڻي ڀرسان سينڊزو روڊ تان نوجوان ياسر برھماڻي کان ٿيل ڦر واري واقعي شھر اندر وڌندڙ بدامني خلاف شھرين جو ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان شھر جي پل ھيٺان  احتجاجي مظاھرو ڌرڻو بدامني خلاف نعريبازي ڪئي وئي

 ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن بدامني جو شڪار نوجوان ياسر برھماڻي جي والد ۽ سماجي اڳواڻ فقير حق نواز برھماڻي ۽ٻين چيو اسان جو نوجوان اسٽيٽ ايجنسي جو ڪم ڪندو آھي ھو گھران نڪري شھر اچي رھيو ھو موٽرسائيڪل سوار ھٿياربند جي زور تي يرغمال بڻائي ان کي سي ڊي 70  2024 ماڊل موٽر سائيڪل  ۽ موبائل فون ڏوڪڙ ڏينھن ڏٺي جو ڦر ڪري ويا آھن ڪجھ ڏينھن اڳ سينڊوز روڊ تان ھڪ دوڪان تان ڦر ٿي آھي

 شھر جو ھر ماڻھو ڦرجي لٽجي ويو آھي پر پوليس  گم ۽ خاموش آھي ھنن آء جي سنڌ ڊي آء جي حيدرآڀاد کان مطالبو ڪيو آھي شھر ۾ وڌندڙ بدامني کي ٻنجو ڏئي ڦريل شھرين کي سامان واپس ڪرايو وڃي نـ تـ ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

جُون 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو